سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

وفاق پاران عرب شڪارين کي سنڌ ۾ تلور جي شڪار جا اجازت ناما جاري


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/31/2019


رپورٽ ڀڳوانداس
وفاقي حڪومت پاران عالمي سطح تي ناياب پکي تلور جي شڪار لئه عرب رياستن جي شڪارين کي اجازت ناما جاري ڪيا ويا آهن.ذريعن موجب عرب رياستن جي  حڪمران خاندانن جي 13 ماڻهن کي سنڌ ۾ تلور جي شڪار جا خصوي اجازت ناما جاري ڪيا ويا آهن.
جن عرب رياستن جي شهزادن کي اجازت ناما جاري ڪيا ويا آهن انهن ۾ سعودي عرب،متحده عرب امارت، بحرين ۽ قطر شامل آهن.ذريعن موجب اجازت نامن ۾  انهن ملڪن جي بادشاه، صدر، شهزادن، انهن جي چاچن ۽ سعوٽن جا نالا شامل آهن.
ذريعن موجب انهن ۾ هڪ نالو اهڙي شهزادي جو به شامل آهي جنهن جو ڪردار مني لانڊرنگ جي حوالي سان مشڪوڪ آهي ۽ پاڪستاني تحقيقاتي ادارا ان شخص جي ڪيس سان تعلق کي ويجهو ڏسندا رهيا آهن.
اهي اجازت ناما پرڏيهي کاتي جي ڊپٽي چيف پروٽوڪول ايم عديل پرويز جي صحيح سان جاري ڪيا ويا آهن.جن حڪمرانن لئه اجازت ناما جاري ڪيا ويا آهن انهن جا نالا ۽ کين الاٽ ڪيل علائقا هيٺيان آهن.
بحرين جي بادشاهه شيخ حماد بن عيسي بن سلمان الخليفا کي ڄامشورو ضلعو الاٽ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ٿاڻو بولا خان، ڪوٽڙي، مانجهند ۽ سيوهڻ جا تعلقا شامل آهن. متحده عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ خليفا بن زيد النهيان ۽ ابوظهبي جي شهزادي متحده عرب امارتن واري فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن زيد النهيان کي سکر  ۽ نوابشاهه ضلعا ضلعو الاٽ ڪيا ويا آهن.جڏهن ته سعودي عرب جي شهزادي منصور بن محمد کي ڪشمور ضلعو تلوري جي شڪار لئه الاٽ ڪيو ويو آهي.
بحرين جي بادشاهه جي چاچي شيخ ابراهيم بن حماد بن عبدالله الخليفا کي سجاول ضلعي جو شاهبندر تعلقو الاٽ ڪيو ويو آهي.بحرين جي بادشاهه جي دفاعي صلاحڪار شيخ عبدالله بن سلامن کي سجاول ضلعي جو جاتي تعلقو الاٽ ڪيو ويو آهي.بحرين جي بادشاهه جي سئوٽ ۽ بحرين جي وزيرداخله ليفٽينٽ جنرل شيخ راشد بن عبدالله الخليفا کي نوشهروفيروز ضلعو الاٽ ڪيو ويو آهي.
بحرين جي بادشاهه جي هڪ ٻئي سئوٽ شيخ احمد بن علي الخليفا کي حيدرآباد ۽ ملير ضلعا الاٽ ڪيا ويا آهن.انهن ۾ ملير ڇانوڻي ۽ ڌاٻيجي شامل نه هوندا.
عرب امارتن جي ڊپٽي پرائم منسٽر شيخ سلطان بن زيد النهيان کي خيرپور ضلعو الاٽ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪوٽڏيجي شامل نه هوندو ۽ ناراڪئنال جي پرين ڀر به شامل نه هوندي.
ابوظهبي حڪمران جي نمائندي شيخ حمدان بن زيدالنهيان کي  دادو ضلعي جا خيرپور ناٿن شاه،جوهي، فريدآباد، قمبر شهدادڪوٽ جا غيبي ديرو ۽ خيرپور جي نارا ڪئنال جي پرين ڀر وارا علائقا شڪار لئه  الاٽ ڪيا ويا آهن.
جڏهن ته دبئي جي ڊپٽي چيف آف پوليس ۽ جنرل سيڪيورٽي ليفٽيننت جنرل شيخ احمد بن راشد المخطوم کي مٺي، ننگرپارڪر ۽ عمرڪوٽ وارا علائقا تلور جي شڪار لئه الاٽ ڪيا ويا آهن.
جڏهن ته عرب امارتن جي شهري ۽ سمٽ بئنڪ جي مالڪ ناصر عبدالله لوطا کي ٺٽو ضلعو تلور جي شڪار لئه الاٽ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ شاهبندر ۽ جنگشاهي شامل نه هوندا.ناصر عبدالله لوطا جو نالو ان مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شامل آهي جنهنجي جاچ ايف آئي اي ڪري رهي هئي.
پي ٽي آئي جي مرڪزي حڪومت عرب شڪارين کي اهي اجازت ناما ان وقت جاري ڪيا آهن جڏهن پي ٽي آئي پاڻ اقتدار  ۾ آهي جڏهن ته ساڳي جماعت پي ٽي آئي گذريل سال عرب شهزادن کي ڏنل اجازت نامن جي مخالفت ڪئي هئي ۽ اعلان ڪيو هو ته سندن ڪي پي حڪومت شڪارين کي ڪي پي اچن جي اجازت نه ڏيندي.
(ڊان جي ٿورن سان)

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter