سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

رمشا جي دانهن : مونکي جيئري ماري ڇڏيو ها


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/01/2019

عائشه  ڌاريجو

امان تون  مون کي هن ڌرتي تي اچڻ کان اڳم پنهنجن هٿن سان ماري ڇڏين ها ته بهتر هو،  ڇو جو تون مونکي جنم ته ڏنو پر هن سماج ۾ جيئري رهڻ جو حق نه وٺي ڏيئي سگهين ,امان مان معصوم کي هي ڪاري ڪري مارين ٿا ,جڏھن ته مونکي خبر ئي ناهي ته ڪاري هوندي ڇا آهي ,ڪاري ته مينهن به آهي ڪارو منهن ته رمضان جي پٽ بچو جو به آهي ,ڪارو منهن ته وڏيري سچل جو به آهي پو اهو اڇو ڪيئن ٿي ويو.
جيجل ,ٻڌاء نه تنهنجي سامهون  منهنجي گهر ۾ گهڙي پنهنجي ڏاڍ جي زور تي انهن مونکي ماري ڇڏيو ,امان سچ پڇين ته  مرڻو ته هر هڪ کي آهي پر هي درد منهنجي حصي ۾ آيو جيجل ,مونکي ظالمن ڏاڍو درد ڏنو امان مان اندارن ڳڀا ڳڀا ٿي مئي آهيانء منهنجي وجود جا ٽڪرا ڪير ڳڍيندو آيل
ننڍپڻ  ۾ ٻڌو هيم ته عورت مجبور آهي لاچار آهي ,بيوس آهي پر سچ ان مهل اندازو نه هيو ته آيل به مونکي ظالمن کان نه بچائي سگهندي.

امان ڏاڍ ڇا آهي زور ڇا آهي ,طاقت ڇا آهي هاڻي خبر پئي جڏهن بابا کي منهنجي تڏي تي به ويهڻ ڪو نه ڏنو ويو ,امان هنن کي رب ايڏو زور ان لاء ڏنو آهي جو هو رمشا جهڙين ,تانيا جهڙن نياڻين کي گهر ۾ گهڙي ماري ڇڏين..

امان اڃان ته منهنجي گڏين کيڏڻ جا ڏينهن هئا ,ڀرت ڀرڻ جا ڏينهن هئا ,کلڻ جاڏينهن هيا ,انهن ناسورن مونکي بيگناه  گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو..

آيل ٻڌو آهي ته عورتن تي پي ايڇ ڊيون ٿيون ٿين ,وڏيون ,وڏيون ڊگريون  ورتيون وڃن ٿيون  ,عورتون اقتدار ۾ به آهن پو به مون سان ظلم تي ڏاڍ تي اڃان تائين ڪو آواز انهن وڏين ڀتين کي چيري انهن ناسورن  کي چوراهن تي ڇو ڪو نه گهلي آيون آهن مان هن سماج جي ڏاڍ ,زور ۽ طاقت جي ور چڙهي ويس ,ڪندو ڪو آيل جو پٽ مون سان انصاف ,هن درد ونديء جي دردن جو درمان ,هن رمشا جي قاتلن تائين پهچڻ ۾ ڏيندو ڪو منهنجو ساٿ , صرف منهنجي خاطر نه پر سنڌ جي سڀني رمشائن خاطر ؟

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter