سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

يوسف رضا گيلاني کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/02/2019

ويب ڊيسڪ
لاهور : اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي لاهور جي علامه اقبال ائرپورٽ تان پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو آهي.ايف آئي اي ذريعن موجب سندس نالو نو فلائي لسٽ تي هجڻ ڪري کيس روڪيو ويو.
ذريعن موجب يوسف رضا گيلاني اڱاري ڏينهن جيئن ئي لاهور جي علامه اقبال ائرپورٽ تي پهتو ته اميگريشن ڪائونٽر وٽ کيس ٻڌايو ويو ته سندس نالو نو فلائي لسٽ ۾ آهي جنهنڪري هو پرڏيهه نٿو وڃي سگهي.اهڙي اطلاع بعد گيلاني ائرپورٽ کان واپس گهر هليو ويو.
ذريعن موجب يوسف رضا گيلاني لاهور ائرپروٽ تان سائوٿ ڪوريا وڃڻ واري فلائيٽ ۾ سوار ٿيڻو هو جتي کيس هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي.
يوسف رضا گيلاني پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته پي ٽي آئي انتقامي رستو اختيار نه ڪري اهو خود عمران لئه سٺو ناهي.هن چيو ته مان پاڪستان ڇڏڻ جو سوچي به نٿو سگهان پوء به مونکي سيئول ڪانفرنس ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو آهي.
هن چيو ته مون نيب جي جج کي به آگاهه ڪيو هو ته ڏکڻ ڪوريا ڪانفرنس ۾ وڃڻو آهي.هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم سان اهڙو رويو آهي ته باقي عام آدمي ڪيتري عتاب هيٺ هوندو.
هن چيو ته اظهار جي آزادي جو ڳلو دٻائي نئين پاڪستان جو بنياد نٿو رکي سگهجي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter