سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

واٽس ايپ ميسيجز ذريعي ناول لکندڙ ڪرد ليکڪ کي آسٽريلوي ادبي ايوارڊ


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/03/2019


نثار کوکر
بهروز بوچاني اهڙو ايراني ڪرد صحافي آهي جنهن آسٽريليا ۾ پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس آسٽريليا جي مانس جزيري تي ٻين سان گڏ قيد ڪيو ويو.
بهروز فلم پروڊيوسر، ليکڪ صحافي ۽ شاعر ته اڳ ئي هيو جنهنکي پنهنجي وطن مان تڪليف ده حالتن سبب بي وطن ٿيڻو پيو.ان موقعو بهتر سمجهندي واٽس ايپ جو استعمال ڪيو ۽ هن پنهنجو پورو ناول واٽس ايپ ميسيجز ذريعي پنهنجي ان دوست کي موڪليو جنهن ان ناول کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو.
بهروز جي ناول جو نالو آهي نو فرينڊس بٽ مائونٽينس، جيڪو ڪردن جي پسمنظر ۾ لکيل آهي ته جبلن کانسواء سندن ڪي دوست ناهن.اهو ناول بهروز پنهنجي سياسي زندگي جي يادن جي باري ۾ لکيو آهي.
بهروز جي ناول کي آسٽريليا جو مهانگو ترين وڪٽورين ادبي ايوارڊ مليو آهي جنهنجي رقم هڪ لک ڊالر آهي.بهروز پهريون ليکڪ آهي جنهن  آسٽريلوي نه هوندي به اهو ايوارڊ ماڻيو آهي.ان سان گڏ سندس ان ناول کي هڪ ٻيو ادبي ايوارڊ پڻ مليو آهي جيڪو 25 هزار ڊالر ماليت جو آهي.
ادبي ايوارڊن کانپوء بهروز جو مقام هڪ قيدي يا پناهگير مان تبديل ٿي آسٽريليوي لکيڪ بڻجي پيو آهي.
بهروز جي ناول جي پبلسٽي 2018 ۾ ئي شروع ٿي وئي هئي ان سال آڪٽوبر ۾ ميلبرون ۾ هڪ تقريب ٿي جنهن ۾ هن قيدي جزيري تان اسڪئايپ ذريعي شرڪت ڪئي .
ان ايوارڊ کان علاوه بهروز کي ايمنسٽي انٽرنيشنل ايوارڊ ۽ ٻيا انساني حقن جا ايوارڊ پن مليا آهن.بهروز جي ناول سبب آسٽريليا ۾ ماڻهن کي پناهگيرن جي حالتن ۽ انهن ٻيٽن تي قيد ماڻهن جي حالتن بابت  ڄاڻ ملي آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter