02/02/2019
لاهوتي
خيرپور جي معصوم نياڻي رمشا جي قتل سنڌ جي سمورن ماڻهن جي شعور کي جاڳائي وڌو.
پهريون سلام ته سنڌ جي انهن متحرڪ ماڻهن کي جن سوشل ميڊيا تان آواز اٿاري وري عملي احتجاجن جو ميدان سجايو.انهن جي مسلسل احتجاج سبب ئي سنڌ سرڪار جا جمهوري وڏيرا اهو ڪجهه ڪرڻ تي مجبور ٿيا جيڪو هنن نه پئي ڪرڻ چاهيو.
خيرپور پوليس ان وساڻ هائوس تي چڙهائي ڪري پهريان ته نواب وساڻ جو بورچي گرفتار ڪيو بعد ۾ ذريعن موجب ان ئي نواب وساڻ جي بنگلي تان رمشا قتل ڪيس جي مک ملزم ذوالفقار وساڻ پنهنجي گرفتاري ضمانتن بعد ڏني.
سندس جان جي ضمانت سنڌ سرڪار جي هڪ اهم ماڻهون ان شرط تي ڏني آهي ته اگر ذوالفقار وساڻ پوليس اڳيان پيش ٿئي ٿو ته پوء اڳتي هلي جڏهن احتجاجن جي باهه ٿڌي ٿيندي ۽ رمشا ڪيس سڀني کان وسري ويندو ته پوء ذوالفقار کي قانوني لهاظ کان عدالتن مان آزاد ڪرائبو.
اهڙين پڪين ضمانتن بعد ذوالفقار وساڻ بنگلي تان گرفتاري ڏني بعد ۾ خيرپور پوليس ان سان گڏ ائين فوٽو ڪڍرايا ٺڻ ته وڏو مقابلو ڪري کيس گرفتار ڪيو هجين...
ذوالفقار وساڻ پنهنجي علائقي جو بدنام ڏوهاري رهيو آهي سندس گرفتاري تي 15 لک انعام رکيل هو پر منظور وساڻ جڏهن گهرو وزير هيو ته هن مٿس رکيل انعام واري لسٽ مان سندس نالو ڪڍي ڇڏيو.
لاهوتي جي ذريعن موجب ذوالفقار وساڻ کي زراعت کاتي ۾ ڪا هلڪي ڦلڪي سرڪاري نوڪري به مليل هئي جيڪا ڀوتارن جي مهرباني سان سندس پوري ڪرمنل ڪيرئير دوران جار رهي.