02/01/2019
ويب ڊيسڪ
عيسائين جي وڏي فرقي رومن ڪيٿولڪ جي روحاني سربراهه پوپ فرانسس اعتراف ڪيو آهي ته چرچ ۾ پادرين راحبائن سان جنسي زيادتيون ڪيون ۽ هڪ ڪيس ۾ ته راحبا کي جنسي غلام ڪري رکيو ويو.
هن چيو ته چرچ ان مسئلي کان آگاه آهي ۽ ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته اهڙا مسئلا هاڻي به ٿي رهيا آهن پر چرچ انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
هن چيو ته هن کان اڳ واري پوپ بينڊڪٽ عورتن جو اهو اجتماع ئي بند ڪرائي ڇڏيو هو جتي راحبائن سان جنسي زيادتي ٿيندي هئي.ان اجتماع ۾ عورتن کي غلام يا جنسي غلام بڻائي رکيو ويندو هو.
ويٽيڪين سٽي جي عورتن واري رسالي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ راحبائن سان جنسي زيادتي جي مذمت ڪئي هئي.رسالي لکيو هو ته ٻار ڪيرائڻ جي ڪيٿولڪ چرچ ۾ مذهبي منع ٿيل آهي پر ڪجهه ڪيسن ۾ پادرين راحبائن کي ايبارشن ڪرائڻ تي مجبور ڪيو هو.