سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ذلو وساڻ فل فرائي ٿيڻ کان ڪيئن بچي ويو ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/04/2019


لاهوتي
رمشا قتل ڪيس ۾ گرفتاري ڏيندڙ ڪوٽڏيجي جي رحمان ڊڪيت عرف ذولفقار وساڻ بابت معلوم ٿيو آهي سندس ڏوهن واري زندگي 25 سالن تائين ڦهليل آهي جنهن دوران هو گرفتار ۽ آزاد ٿيندو رهيو آهي پر کيس ڪڏهن به رمشا جهڙو ڪيس هائي پروفائيل ٿي نه لڳو آهي.
ذولو عرف ذوالفقار وساڻ بابت پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه سال اڳ خيرپور پوليس کيس مقابلي ۾ مارڻ جي تياري ڪئي هئي يعني پوليس جي زبان ۾ کيس فل فرائي ڪرڻ جو منصوبو مڪمل جوڙيو ويو هو پر سندس ڀاڳ کيس بچائي ورتو.
لاهوتي کي مليل حوالن موجب انهن ڏينهن ۾ منظور وساڻ تازو تازو ناراض ٿي سنڌ جي گهرو وزارت ڇڏي هئي.بلاول هائوس مان جڏهن ٻاهر نڪتو هو ته پوليس پروٽوڪول کڻڻ بدران پنهنجا ذاتي گارڊ کني واپس آيو هيو ۽ آصف زرداري سان پنهنجي ملاقات جا تفصيل ٻاهر بيٺل ميڊيا کي نه ٻڌايا هئا.
سندس گهرو زوارت ڇڏڻ جي ڪجهه ئي مهينن بعد خيرپور پوليس ذوالفقار وساڻ جو پيڇو ڪيو.انهن ڏينهن ۾ فل فرائي ۽ هاف فرائي سبب مشهور ٿيل پوليس آفيس مسعود بنگش خيرپور ۾ لڳل هو.جنهن پوري ڪوشش ڪئي ته ذوالفقار وساڻ کي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪري پر سندس ڀاڳ ڀلا جو ان پوري وقت دوران هو خيرپور مان عائب ٿي ويو.
پوليس ذريعن موجب انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار وساڻ کي سندس ذات ڀائي جيل کاتي جي آفيسر سانگهڙ جيل اندر واري ڪالوني ۾ ترسائي ڇڏيو هو جنهنڪري پوليس جيل ۾ گهڙي کيس قتل نه پئي ڪري سگهي.
هڪ ڀيري مسعود بنگش پنهنجي ٽيم سميت پاڻ وڃي ان رستي تي بيٺو هو جتان ذوالفقار وساڻ گذرڻو هو پر ساڻس خاندان جا ماڻهون  عورتون ۽ ٻارڙا گڏ هجڻ ڪري کيس وڃڻ ڏنو ويو. نه ته ساهيولا جهڙو سانحو ٿي پوي ها.
لاهوتي کي مليل اطالعن موجب ان وقت جي وڏي وزير جو حڪم هو ته سندس اباڻي ضلعي مان بدنام ڏوهارين جو خاتمو اچي پر ذوالفقار وساڻ پوء به بچيل رهيو ۽ هڪ معصوم رمشا جي قتل کيس جيل اندر پهچائي ڇڏيو

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter