سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

گلالئي اسماعيل کي اسلام آباد پوليس آزاد ڪري ڇڏيو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/01/2019

ويب ڊيسڪ
انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن گلالئي اسماعيل کي اسلام آباد پوليس آزاد ڪري ڇڏيو آهي.اهڙي تصديق اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر حمزه شفاقت ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي آهي.
ان کان پروفيسر محمد اسماعيل ٻڌايو هو ته سندس ڌيءُ کي اسلام آباد پوليس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.گلالئي کي نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد اڳيان پي ٽي ايم جي مظاهري دوران گرفتار ڪيو ويو هو.جنهن بعد کيس جي نائين وومين پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو هو.
جتان سندس والد مطابق کيس نامعلوم جڳهه تي منتقل ڪيو ويو هو.
گلالئي پشتون ڪارڪن آهي پنهنجي ڀيڻ سان گڏجي هڪ غيرسرڪاري تنظيم به هلائيندي آهي.کيس عالمي ايوارڊ پڻ مليل آهن
کيس گذريل سال آڪٽوبر ۾ اسلام آباد ائرپورٽ تان لنڊن وڃڻ کان روڪيو ويو هو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter