سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

انساني حقن جا ڪيس : فرق ڇو ٿو ڪيو وڃي؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/04/2019

ڳڙ دي لسي“

ياسين جوڻيجو
جهالت جو وَڪڙُ محض هاڻوڪي دور جي درسي توڙي ڄاڻ وارن ڪتابن کان دوريءَ جو نه پر ڳچ وقت کان هلندڙ سماجي رواجن جو ڪَڙو نتيجو آهي. جنهن جا ڍڪ سنڌ جي انهن ماڻهن کي روزانو پيئڻا پون ٿا جيڪي رمشا وساڻ جهڙن فردن جي انفرادي آزاديءَ لاءِ ناڪام هٿوراڙين تي سماج جي بيحسيءَ ۽ خاموشيءَ جا پٿر ڪُٽيندا رهن ٿا. اڄوڪي دور جي جهالت پنهنجي جوهر ۾ بي پاڙي نه آهي، عزت ۽ غيرت جي مانڌاڻيءَ جي مِڪِسَر ۾ مضبوط ڪنڪريٽ جيان ڳوهيل آهي. انساني حقن جو عَلَمُ اڃان سنڌ ۾ نه ته گهڻو اوچو ٿي سگهيو آهي نه ئي ان کي سربلند ڪرڻ وارن جا هٿ انائن کان آجا ٿي ان جي سربلنديءَ لاءِ هڪ هنڌ ڪَٺا ٿي سگهيا آهن. منهنجي مخالفت ايڏي اهم نه آهي، مان هڪڙو عام آواز آهيان. ليڪن، اگر مگر جهڙي راءِ هجڻ باوجود تسليم ڪيان ٿو ته سوشل ميڊيا تي ٻُريل ڇڙوڇڙ آوازن جي ڪري ئي نه صرف ذُلفو وساڻ جا سرپرست کيس پوليس وٽ پيش ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا پر Long Form Media (اخبارن ۽ ٽي وي چينلز) به هڪ معصوم نينگريءَ جي قتل بابت خبرون ڏيڻ لاءِ وقت ۽ جڳهه جو بندوبست ڪرڻ مناسب سجهيو.

سوشل ميڊيا جو سحر رنگين به آهي ته سنگين به، انهيءَ جي سحر کان ته اهڙا ماڻهو به بچي نه سگهيا جن جا موجوده صوبائي حڪومت جي اهم ماڻهن سان دادلائپ جهڙا ناتا آهن. اهڙن فردن مان ئي هڪ ڄڻي کي سماجي رابطن واري نظام وسيلي اها ڳالهه لکڻي پئجي وئي ته ”نفيسه شاهه پنهنجي پي ايڇ ڊيءَ واري ڊگري ساڙي ڇڏ“. انهيءَ شخص کي غصو انهيءَ ڳالهه تي آهي ته جنهن ضلعي مٿان ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه ضلعي ناظمه ٿي حڪومت ڪئي، پنهنجي والد جي وزيراعليٰ هجڻ وارن ڏينهن ۾ ”ڊي فيڪٽِو“ وزيراعليٰ ٿي خيرپور جي واڳن کي کَٻِي ۽ سَڄي پئي ڪيو انهيءَ خيرپور ۾ هڪ معصوم نينگر جي ظالماڻي قتل تي هوءَ به ياسين جوڻيجي وانگر مصلحتي خاموشيءَ جي چادر ۾ لڪندي رهي. ڊاڪٽر صاحبه کي پنهنجي انهن لکڻين جيڪي هن انگريزي زبان ۾ ڇپجندڙ ميگزين ۾ صحافيءَ جي حيثيت سان شايع ڪرايون يا عورتن جي حقن بابت ٽي ويءَ تي پروگرام ڪندي چيون انهن جي ياد به نه آئي جيڪي سنڌ اندر عورتن سان ظلم تي ڳاڙيل ڳوڙهن جهڙيون هيون. وڏي ڳالهه ته سيده نفيسه شاهه جي پي ايڇ ڊيءَ واري ٿيسز به ڪارو ڪاريءَ جي جاهل رسم بابت آهي ۽ ذلفو وساڻ به رمشا کي ڪاروڪاريءَ جي الزام تحت ئي قتل ڪيو آهي ۽ پوليس جيتوڻيڪ کيس ملزم قرار ڏيندي سندس خلاف جيڪا ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي ان ۾ به قتل جو ڪارڻ ”ڪاروڪاريءَ“ وارو ڄاڻايو آهي.
عوامي قسم جي پختين ڳالهين وسيلي معلوم هي ٿيو آهي ته رمشا، پير گڊو ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري کي پسند ڪندي هئي ۽ سندس ارادو هو ته انهيءَ ڇوڪري سان ئي شادي ڪري. رمشا جي اهڙي آزاد سوچ جي مخالفت ذلفوءَ ڪئي ڇو ته سندس ڳوٺ جي زورآورن اهو رواج زبردستي لاڳو ڪري رکيو آهي ته سندن ڳوٺ جي، سندن ذات واري ڇوڪري يا عورت ٻئي ڳوٺ ۾ پرڻجي نه ويندي. انهيءَ ظالماڻي رواج تحت اڳ به ڪجهه عورتون ساڳئي ڳوٺ ۾ قتل ٿي چڪيون آهن. پر سندن داد ۽ فرياد نه سوشل ميڊيا تي نه ئي قانون جي ادارن پاران اهڙيءَ ريت ٿيو جهڙو رمشا جي ڪيس جو ٿيو آهي..

مون ڪجهه ڏينهن پهريان ئي ”پنهنجي اخبار“ جي اها وڊيو اسٽوري به ڏٺي جنهن ۾ گهوٽڪي ضلعي جي پريمي جوڙي کي اسلام آباد جا ڌڪا کائيندي ڏيکاريو ويو آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ جوڙي سان، سندن موقف مطابق، جيڪا به ويڌن ٿي چڪي آهي ان پٺيان به اهڙو بااثر ئي آهي جهڙو بااثر منظور وساڻ آهي. پر گهوٽڪيءَ جي جوڙي سان انصاف لاءِ سوشل ميڊيا جي هائيڊ پارڪ تي ڪو به مقرر انساني حقن جوپمفليٽ کڻي ناهي بيٺو. هڪ مهينو اڳ خيرپور جي نارا تعلقي ۾، جيڪو وساڻن جي مرڪز ڪنب ڀرسان واقع آهي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان ڪهي آيل پريمي زال مڙس کي ساڳيءَ ريت گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. پر سندن لاش ۽ سندن ڪهاڻي به سوشل ميڊيا تي گهڻا لائيڪس ۽ شيئر حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. جهالت اسانجي ديس جي هر ڳوٺ، هر گهٽيءَ ۾ ڪاٽن جهڙن لَٽَن ۾ ملبوس گهمندي وتي ٿي، اڻ ڳڻيا انساني حق، اڻ ڳڻين جاين تي مختلف طريقن سان لتاڙيا وڃن ٿا، انهن سڀني لاءِ آواز اٿارڻ جي حڪمت عملي ندارد ڇو آهي؟.

منهنجي ڳالهه اگر انساني حقن لاءِ ٿيندڙ سرگرميءَ کي ٻي واٽ ڏانهن موڙڻ جي خطا ۾ شمار ٿيڻ جهڙي هجي ته هٿ ٻڌي معافي وٺندي چوڻ اهو ٿو چاهيان ته، مون وٽ ڪوئي دليل ناهي پر، مونکي الائي ڇو لڳندو آهي ته انساني حق به هاءِ پروفائل ٿي ويا آهن! مطلب ته انساني حقن جي لتاڙ پٺيان اگر ڪو هاءِ پروفائل شخص ناهي هوندو ته اهو ڪيس به کڄي ناهي سگهندو. جيئن صحافت جي هڪ پوري دور کي انهيءَ اصطلاح تي هلايو ويو ته ”خبر اها ناهي ته ڪُتي ماڻهوءَ کي چڪيو، پر خبر اها آهي ته ماڻهوءَ ڪُتي کي چڪ هڻي ڪڍيو“. ائين ئي هاڻي انساني حقن جي لتاڙ محض اها سمجهي وڃي ٿي جيڪا ڪوئي هاءِ پروفائل ماڻهو ڪري! 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter