سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

بلاول آمريڪا جي مذهبي قومي ناشتي ۾ ڪيئن پهتو..


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/04/2019

ويب ڊيسڪ
پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي نيشنل پريئر بريڪ فاسٽ ۾ شريڪ ٿيو آهي.جنهن جو خاص مهمان آمريڪ صدر ڊونالڊ ٽرمپ هيو.
ان ناشتي ۾ آ۾ريڪي صدر پنهنجي سموري ڪابينا سميت شريڪ ٿيو جتي ڪانگريس ميمبر ۽ دنيا جي 100 ملڪن مان چونڊ ماڻهون شريڪ ٿيا.
ناشتي جي اها دعوت هڪ عيسائي تنظيم فيلوشپ فائونڊيشن پاران واشنگٽن جي هلٽن هوٽل جي بال روم ۾ ڪئي ويندي آهي جتي عام طور 3500 مهمانن کي ناشتو ڪرايو ويندو آهي.
نيشنل پريئر بريڪ فاسٽ هر سال فيبروري جي پهرين خميس يا جمعي واري ڏينهن تي ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ مذهب ۽ عملي زندگي تي ڳالهايو ويندو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڪجهه سالن کان ان ناشتي ۾ ويندڙ آهي.هڪ ڀيري سندس ماسي صنم ڀٽو ساڻس گڏ هئي ته ٻئي ڀيري شيري رحمان ۽ بختاور ڀٽو ساڻس گڏ هيون.
ان ناشتي واري عبادت جي شروعات 1953 کان پئي تڏهوڪي آمريڪي صدر جي اچڻ سبب ان کي پهريان صدارتي ناشتو سڏيو ويندو هو پر 1970 ۾ ان جو نالو تبديل ڪري نيشنل پريئر بريڪ فاسٽ رکيو ويو.
ان تقريب ۾ سموري دنيا جا اهم ماڻهون شريڪ ٿيندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن جي مستقبل جي حڪمرانن بابت فيصلا ان ناشتي جي ٽيبل تي ڪيا ويندا آهن.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter