سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

نيب هٿان سهيل انور سيال جو سالو گرفتار


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/05/2019

لاهوتي
سنڌ ۾ وڏين مڇين خلاف نيب جيستائين ڪاراويون ڪري تيستائين ننڍين مڇين خلاف آپريشن تيز ڪيو ويو آهي.
نيب سکر جي عملدارن اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي سالي احسان سيال کي ڊي ايڇ اي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو آهي.
نيب ذريعن موجب احسان سيال لوڪل گورنمينٽ ۾ ڪلارڪ هو پر کيس سفارش تي باقراڻي ميونسپل جو اڪائونٽنٽ ڪري رکيو ويو جتي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جو ڪيس نيب جي زير تفتيش آهي.
نيب ذريعن موجب سهيل انور سيال جو سالو احسان سيال ڪجهه مهينن کان سچل ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ ترسيل هو پر جيئن ئي هو ڪراچي ڊي ايڇ اي پهتو ته نيب ٽيم اچي سندس گهيرو ڪيو ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.
نيب ذريعن موجب احسان سيال کي وڌيڪ تفتيش لئه سکر آندو ويو آهي.
جڏهن ته احسان سيال جي گرفتاري سبب سيال فيميل ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي..

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter