سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

گهر ويٺي روزگار ۽ ناڻو ڪمائڻ جو ذريعو بڻيل انفارميشن ٽيڪنالاجي دنيا جا ڪئين معيار تبديل ڪيا


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/08/2019

 
تحرير: انجنيئر محبوب علي شر
 هن وقت جڏهن دنيا انڊسٽريل ايج مان ناليج ايج ڏانهن تيزي سان وڌي رهي آهي۔ پراڻي دور ۾ جڏهن ڪاروباري ماڻهن کي پيڙهيون لڳي وينديون هيون ملڪ ۽ دنيا تائين امير ترين ڪاروباري ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل تائين، پر گذريل چند ڏهاڪن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي پراڻا پئمانا ئي بدلائي ڇڏيا، بل گيٽس هڪ ونڊوز سافٽويئر ٺاهي 35 سالن جي عمر ۾ دنيا جو امير ترين شخص بڻجي ٿو ڏيکاري ، جيف بيزوز هڪ آنلائن اسٽور مان دنيا جو امير ترين شخص بڻجي وڃي ٿو، اهان ايڏي وڏي ۽ ايتري تڪڙي ترقي  انفارميشن ٽيڪنالاجي کان بغير نا ممڪن هئي۔
هن وقت پوري دنيا ۾ freelancers جي تعداد ۾ هر سال لکن جي تعداد ۾ اظافو ٿي رهيو آهي جيڪي گهران ويهي پوري دنيا لاءپنهنجي اسڪلس ذرئيي ڪم ڪري ۽ ناڻو ڪمائي رهيا آهن ۽ روز بروز انهن جي اسڪلس ۽ ڪم ۾ واڌارو اچي رهيو آهي، ڪجهه سال پهرئين جن اڪيلي سر ڪم شروع ڪيو هيو انهن هاڻي پنهنجو ٽيمس (Teams) ٺاهي ورتيون آهن ۽ تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن۔
اسان جو نوجوان نسل جيڪو اڃان تائين ڪنهن نوڪري جي آسري ۾ ويٺو آهي انهن جي اطلاع لاء عرض آهي ته اڄڪلهه جيڪا سرڪاري نوڪري جي عام پگهار آهي ان کان ڏه ڀيرا مٿي freelancers گهر ويٺي ڪمائي رهيا آهن، ها شروعات ۾ آنلائن ڪم ڪرڻ آسان ناهي هوندو پر محنت سان آهستا آهستا ماڻهو سکي ٿو وٺي جئين هڪ پاڪستاني نوجوان محمد حارث صرف هڪ ڪم آنلائن ويبائيٽ جي ڊزائن (Theme) جي ذريعي هڪ ارب روپين کان وڌيڪ پئسا ڪمائي چڪو آهي۔ 
نوٽ هي مضمون هلندڙ آهي ۽ ٻئين قسط ۾ مان مختلف اسڪلز جو ذڪر ڪندس جنهن جي ذريئي آنلائن گهر ويٺي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو۔

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter