سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

رانجهاڻي قتل ڪيس : رحيم شاه گرفتار : ڪارساز ڌرڻي جو سڏ برقرار


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/08/2019


ويب ڊيسڪ
ملير پوليس ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي مک ملزم رحيم شاه کي گرفتار ڪري ورتو آهي.اهڙي تصديق پوليس کاتي پاران ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اي آئي جي ڊاڪٽر امير شيخ جي هدايتن تي ملير پوليس رحيم شاه کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
رحيم شاه ملير جو يوسي ناظم آهي جنهنجو تعلق مسلم ليگ نواز سان آهي جنهن پنج ڏينهن اڳ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي کي سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو هو.رحيم شاه جو چوڻ آهي ته هو بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي واپس وڃي رهيو هو ته ارشاد رانجهاڻي ۽ سندس ساٿي موٽر سائيڪل تي سندس پيڇ ڪندا آيا هن کي شڪ ٿيو ته هو ڦورو آهن تنهنڪري هن گاڏي جي شيشي اندران پستول سان فائر ڪري کين قتل ڪيو.
ارشاد رانجهاڻي جي روڊ تي زخمي حالت ۾ پيل هجڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي جنهن کانپوء سوشل ميڊيا تي سندس قاتل جي گرفتاري لئه احتجاج ٿيو.
ٻئي طرف صحافي مشتاق سرڪي پاران ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف ڏنل احتجاج وارو سڏ برقرار آهي.مشتاق پنهنجي وڊيو پيغام ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو ڪنهن به حالت ۾ شام جو چئين بجي ڪارساز ڪراچي پهچندا ۽ ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندا.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter