سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

رانجهاڻي قتل خلاف سنڌ تاريخي احتجاج ريڪارڊ ڪرايو قاتل گرفتار


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/11/2019


لاهوت ڊاٽ ڪام رپورٽ
ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ڪري روڊ تي اڇلايل  ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي  ڏنل سڏ کانپوءِ سموري سنڌ ۾ مظاهرن سان گڏ ڪراچي ڪارساز تي سموري سنڌ پاران  گڏيل ڌرڻو هنيو ويو.ڌرڻي دوران ٻن صوبائي وزيرن اچي ڳالهيون ڪيون ۽ احتجاج ڪندڙن سان گڏجي شاه لطيف ٿاڻي تي وڃي رحيم شاه خلاف شاه لطيف ٿاڻي تي قتل جي ايف آئي آر ڪٽرائي آهي.
ڪارساز تي گڏ ٿيڻ جو سڏ صحافي مشتاق سرڪي ۽ ٻين ڏنو هو جنهن ۾ هزارين ماڻهن فيمليز سميت شرڪت ڪئي.ڪارساز ڌرڻي ۾ سنڌ جي اڪثر قومپرست پارتين جي سربراهن شرڪت ڪئي هئي.جنهن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي ، آصف بالادي الاهي بخش بڪڪ، ترقي پسند پارٽي جي ڊاڪٽر قادر مگسي،جيئي سنڌ قومي محاذ يج امير آزاد پنهور، نواز شاه ڀاڏائي، سماجي اڳواڻن پنهل ساريو ، ذوالفقار قادري، شاعره ماهين هيسباڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي کي ڪراچي جي ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ يو سي چيئرمين رحيم شاه پنهنجي وائيٽ ڊبل ڪيبن گاڏي مان ويٺي گوليون هڻي زخمي ڪيو هو.بعد ۾ چوراهي تي گڏ ٿيل هجوم دوران هن کيس ٻيهر گوليون هڻي ماڻهن کي پري رهڻ جو چيو ۽ رانجهاڻي کي تڙپندي ڇڏيو ته جيئن هو رت وهي وڃڻ سبب مري وڃي.
ارشاد رانجهاڻي جي بيرحماڻي قتل واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سموري سنڌ ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي.جنهن خلاف پاڻمرادوا بنا پارٽي فرق جي احتجاج ٿيڻ شروع ٿي ويا.رانجهاڻي قتل خلاف سنڌ جي اڪثر شهرن جي وڪيلن پڻ احتجاج ۾ حصو ورتو ۽ انهن عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو.
ارشاد رانجهاڻي جي بيرحماڻي قتل کانپوءِ سنڌ ۾ شروع ٿيل احتجاج کي تجزيه نگار سنڌين جي تاريخي ٻڌي قرار ڏئي رهيا آهن.جتي سنڌ بنا ڪنهن ليڊرشپ جي هڪ خوف مان ٻاهر نڪري آئي آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter