سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سنڌين جي سڌريل سوچ :هزارين ڪاوڙيل ماڻهون گڏ ٿيا پر نه شيشو ٽٽو نه دڪان سڙيو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/09/2019


لاهوت ڊاٽ ڪام رپورٽ
ڪراچي ۾ ڪٺل قومي ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف احتجاج ڪرڻ خاطر هزارين ڪاوڙيل سنڌي ڪارساز تي گڏ ٿيا.پر ڪنهن به گاڏي جو شيشو ٽٽو نه ڪنهن ايمبولينس جو رستو روڪيو ويو نه ئي ڪو پيٽرول پمپ سڙيو نه ئي ڪنهن لساني فرق جي بنياد تي ڪنهن مٿان ڏنڊن جو وسڪارو ٿيو..
سنڌين کي نام نهاد قومي ميڊيا توڙي جو ڊاڪو ڊاڪو سڏيندي رهي آهي پر ان احتجاج  ثابت ڪيو ته سنڌي هڪ سڌريل قوم آهن جيڪي جڏهن به جتي به گڏ ٿيندا آهن ته پنهنجي ڪاوڙ  جو اظهار به اهڙي طريقي سان ڪندا آهن جو ڪنهن ٻيئ کي تڪيلف نه پهچي.
سنڌين جي گڏ ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ جڏهن ڀينس ڪالوني واري ان چوراهي تي ڪجهه سنڌي ماڻهون گل کڻي پهتا هئا ته ارشاد رانجهاڻي جي قاتل رحيم شاه پنهنجي علائقي ۾ ماڻهون گڏ ڪري وحشت ڦهلائي هئي ته سنڌي اسان مٿان حملو ڪرڻ وارا آهن.توهان سڀ تياري ڪريو اگر اهي هڪ سئو هوندا ته اسان پنج سئو ٿينداسين هن علائقي مان ڪير به زنده واپس نه وڃي سگهندو.
اهڙي منفي سوچ ۽ پروپيگنڊا جي باوجود هزارين سنڌين ڪارساز وٽ گڏ ٿي اهو ثابت ڪيو ته هو موهن جي دڙي جي مٽي جا اصل وارث آهن جيڪي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جو سليقو به سڌريل معاشرن وارو رکن ٿا.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter