سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سنڌي سوشل ميڊيا جو اثر : ٻن هفتن اندر ٻه رهزن گرفتار


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/09/2019


لاهوت ڊات ڪام رپورٽ
سوشل ميڊيا جي هونئن ته هر هنڌ وڏي هاڪ متل آهي پر سنڌ ۾ سوشل ميڊيا جو مثبت ڪردار هاڻي هاڻي سامهون اچي رهيو آهي.
تازو جڏهن ڪراچي ۾ قتل ڪيل ارشاد رانجهاڻي جي مبيان قاتل رهيم شاه کي هٿ ڪڙيون لڳيون ته عام ماڻهن به اهو سمجهيو ته اهو سڀ ڪجهه سوشل ميڊيا جي پريشر سبب ممڪن ٿي سگهيو آهي.
جڏهن ته ان کان صرف هڪ هفتو اڳ سوشل ميڊيا جي پريشر سبب خيرپور ميرس جي ڪنب واري علائقي ۾ معصوم رمشا وساڻ جي قتل ڪيس ۾ ملوث ذوالفقار عرف ذولو وساڻ  کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي
سنڌ اندر سوشل ميڊيا جي مثبت انداز جي لهر هاڻي تيزي سان ڦهلجي رهي آهي جتي عام غريب مسڪين جي اسپتالن ۾ مدد ڪرڻ کان ويندي پوليس زيادتين خلاف پڻ آواز اٿاريو وڃي ٿو.
سوشل ميڊيا جي مثبت استعمال سببب ڪراچي ۾ ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف عميل طرح عام ماڻهون ڪارساز ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا ۽ انهن جي پريشر سبب يوسي چيئرمين رحيم شاه گرفتار ٿي ويو.
سنڌ ۾ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ نوجوانن جو چوڻ آهي ته گڏجي اگر ٽوئيٽر يا فيس بڪ تي ڪنهن به مسئلي تي ٽرينڊ هاليون ٿا ته اهو مسئلو وڌيڪ اجاگر ٿئي ٿو.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter