سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

نئون ديرو ڀرسان فائرنگ ٽي باجوڙ واسي پورهيت قتل


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/12/2019


لاهوت ڊاٽ ڪام
نئون ديرو شگرمل ڀرسان فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ ٽي پورهيت قتل ٿي ويا آهن.پوليس ذريعن موجب هڪ موٽر سائيڪل تي سوار ٻن حملي آورن گوليون هڻي ٻن پورهيتن کي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٽيون شديد زخمي ٿي پيو جنهن چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ دم ڏنو.
اکين ڏٺن شاهدن موجب صبح سوير نئون ديرو شگرملز ڀرسان چنگچي رڪشا ۾ سوار ٽن پورهيتن مٿان حملي آورن گوليون هلائي ڇڏيون جنهن جي نتيجي ۾  باجوڙ واسي پشتون پورهيت وحيد گل ۽ رئيس خان ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته عارف گل شديد زخمي ٿي پيو جنهنکي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو زخمن جا سور نه سهي سگهيو ۽ دم ڌڻي حوالي ڪيائين.
پوليس ذريعن موجب ٽئي پورهيت باجوڙ سان تعلق رکندڙ هئا ۽ لاڙڪاڻي شڪارپور ۾ ڪراڪري ڊنر سيٽ وڪڻي گذارو ڪندا هئا.
پوليس ذريعن موجب ان واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي
ٻئي طرف ايس ايس پي مسعود احمد بنگش لاهوت ڊاٽ ڪام کي ٻڌايو آهي ته قاتلن کي جلدازجلد گرفتار ڪيو ويندو.هن چيو ته في الحال تفتيش هلي رهي آهي ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهتا آهيون.پر ملزمان کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter