سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سکر ۾ عورتن جي حقن لئه سنڌ سهائي عورت سٿ جوڙيو ويو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/09/2019


لاهوت ڊاٽ ڪام
عورتن جي ڀلائي خاطر جوڙيل نئين تنظيم سنڌ سهائي عورت سٿ جي هڪ اهم گڏجاڻي سکر ۾ ٿي گذري .جنهن ۾ ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو,ايڊووڪيٽ فرزانه کوسو,ايڊووڪيٽ رضوانه ميمڻ,ايڊووڪيٽ پارس بگٽي,وومين پروٽيڪشن سيل سکر جي انچارج رخسانه منگي ,ڊاڪٽر ادل سومرو,پوپٽ پبليڪيشن خيرپور جي طرفان قربان منگي ,ايڊووڪيٽ هادي بخش ڀٽ ,ڊاڪٽر علي اڪبر نائچ, ليکڪ ممتاز بخاري,ڊاڪٽر ابراهيم کرل, شاعر امر اقبال ۽ ٻين  شرڪت ڪئي .
سنڌ سهائي عورت سٿ جي پهرين .گڏجاڻي ۾ اهو  فيصلو ڪيو ويو ته سٿ پاران عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان 3 مارچ 2019 تي آچر ڏينهن سکر لٽريسي هال ۾ هڪ ڏينهن واري عورت ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي.ان  ڪانفرنس جي مختلف نشستن ۾ شريڪ ٿيڻ لاء علم,ادب,سماجي خدمت,قانون ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل عورت ۽ مرد اسپيڪرس کي دعوت ڏني ويندي .گڏجاڻي ۾ ڪانفرنس جي سٽاء ۽ ڪمن جي ورهاست جي حوالي سان تفصيلي ويچار ڪيو ويو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter