سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ارشاد رانجهاڻيءَ جو بيرحماڻو قتل؛ چٽڪٻري مايوسيءَ مان نڪرڻ واري راهه ملڻ لڳي آهي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/11/2019

ڳڙ دي لسي“

ياسين جوڻيجو

لڳ ڀڳ هڪ صدي اڳ فرانس ۾ عام ٻار طور پيدا ٿيندڙ ”البرٽ ڪاميو“ جوان ٿيو ته سندس ملڪ ۾ انقلاب جي ڀيرِ تي ڏونڪا لڳڻ شروع ٿيا، انهن وقتن ۾ هن ”انقلابين“ کي جيڪو ڪجهه ڪندي ڏٺو انهن جي چال چَلت کي پنهنجي ناول ”Rebel“ ۾ ڪاميو ”Crimes of Passion“ ۽ ”Crimes of Reason عنوان سان سمجهائيندي نظر اچي ٿو. ڇو ته ڪاميو کي محسوس ٿيو ته هن سميت اهڙا ماڻهو به دنيا ۾ وسن ٿا جيڪي چڱي اميد رکڻ ڇڏي ڏيندا آهن. ڪاميو کي گهرائيءَ سان پڙهندڙ دانشورن چيو آهي ته ڄاڻايل ناول لکڻ وقت ڪاميو سمجهندو هو ته ”انسان بنيادي طور بيحِس ۽ سفاڪ ٿيندو آهي ۽ ٻين تي نازل ٿيندڙ آفتن جي کيس ڪا به پريشاني ناهي ٿيندي“.

ڪو دور هو جڏهن سنڌي ماڻهن جي حقن خاطر ڪي ماڻهو ”ابو جهاد“ ۽ ”چي گويرا“ ٿي پيا، انهن عارضي گوريلن جي ڪردار تي گهڻو گند اڇلائڻ کان پرهيز به ڪجي تڏهن به چئي سگهجي ٿو ته سندن شخصي بنياد وارن اختلافن ۽ پارٽين اندر تقسيم در تقسيم واري فارمولا سنڌ جي مڊل ڪلاس کي به ”ڀلائيءَ جي اميد“ رکڻ کان مايوس ڪري ڇڏيو هيو. سنڌي ڳالهائيندڙ مڊل ڪلاس، ارشاد رانجهاڻيءَ جي قتل خلاف ڪارساز وٽ لڳل غيرسياسي ۽ پرامن ڌرڻي تائين مايوسيءَ جي انهيءَ ميري ۽ وزني چادر کي پري اڇلائڻ لاءِ تيار نظر نه پئي آيو. 

سماجي سائنس جا دانشور چون ٿا ته مڊل ڪلاس مايوس ٿي وڃي ته هڪ پورو نسل ظلم سهڻ تي رضامند ٿي ويندو آهي. مڊل ڪلاس کي اڳتي وڌڻ جي لالچ رهندي آهي ۽ پوئتي رهجي وڃڻ جو خوف ستائيندو رهندو آهي ان ڪري هو اختلافي ڳالهين تي ڀرپور موقف رکي بيهڻ کي فائديمند ناهي سمجهندو. حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي لساني بنيادن تي قتل عام ٿيڻ وارن واقعن کانپوءِ سنڌين جو آواز ڇڙوڇڙ هجڻ ڪري 90 واري ڏهاڪي کان وٺي سنڌي مڊل ڪلاس اسلام آباد ۾ اسٽيبلشمينٽ سامهون، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڌارين سامهون ۽ ننڍن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ چونڊيل نمائندن، وڏيري ۽ ايس ايڇ او اڳيان هٿ ٻڌل ننڌڻڪو رهيو.

انهيءَ ننڌڻڪائيءَ خلاف سنڌ جي احتجاجي رَڙِ واري جهوني ۽ زنگيل انجڻ جهٽڪا هڻندي، مسنگ ڪندي نيٺ اسٽارٽ ٿي پئي آهي. رمشا وساڻ جي بيرحماڻي قتل تي وزنائتو ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ ارشاد رانجهاڻيءَ جي غيرقانوني ۽ سفاڪ قتل خلاف سوشل ميڊيا وسيلي سنڌي مڊل ڪلاس ثابت ڪيو آهي ته مڊل ڪلاس محض رشوت وٺڻ وارين نوڪرين ۾ ئي مگن نه ٿو رهي سگهي ۽ ان کي قومي عزت جو به اونو رهندو آهي. مونکي لڳي ٿو ڪارساز وٽ گڏ ٿيل هزارين سنڌين البرٽ ڪاميو پاران بيان ڪيل ڏوهن جي تشبيهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

”عرب بهار“ جيتوڻيڪ فلاپ ٿي ويو، پر بريگزٽ تحريڪ جي زور ۽ ٽرمپ جي ڪاميابيءَ جي پسمنظر ۾ به سوشل ميڊيا کي ذميوار سمجهيو وڃي ٿو. برطانيه ۽ آمريڪا جي لکارين انيڪ تحريرون لکندي ٻڌايو آهي ته ”بريگزٽ بابت ريفرينڊم ۽ ٽرمپ جي ڪاميابي سوشل ميڊيا وسيلي ڪيل مختصر تصوير ڪشيءَ سبب عمل ۾ آئي“. اهي حوالا ڏئي نالي چڙهيا لکاري انگريزيءَ ۾ طويل مضمون لکي چڪا آهن ته ”سوشل ميڊيا محض ڳالهه جو هڪ پاسو ڏيکاري ماڻهن کي خوف، غصي، لالچ ۽ مايوسيءَ جهڙن منفي روين جو شڪار ڪري ٿي“. ان ڪري سوشل ميڊيا کي Larger Perspective تحت ڀروسي لائق نه ٿو سمجهيو وڃي.

پر نقيب الله محسود جي قتل کانپوءِ پشتونن پنهنجو آواز سوشل ميڊيا وسيلي ئي سگهارو ڪيو. هاڻي پشتونن جي انهيءَ تحريڪ کي ”ملڪ جي اصل ڏاڍن مالڪن“ جا هٿ نپوڙڻ لڳا آهن. سنڌي مڊل ڪلاس کي به نيٺ ارشاد رانجهاڻيءَ جي دل آزاريندڙ قتل سياسي نعرن کان مٿڀرو ٿي گڏ ٿيڻ جي راهه تي آندو آهي. مون جهڙي سُست ماڻهوءَ کي به انهيءَ راهه تي نڪري آيلن کي ڏسي پنهنجي غيرحاضريءَ تي غصو آيو. پنهنجي ذات تي آيل غصي کي نظرانداز ڪري سگهان ٿو ڇو ته متحرڪ ٿيلن جو تعداد گهڻو آهي ۽ کين منهنجي سستيءَ جي ڪري ڪا به مشڪل پيش ناهي آئي.

هاڻي کين، مگر، سوچڻو اهو پوندو ته سنڌين جي احتجاجي رڙ کي برقرار ڪيئن رکيو ويندو!؟ اگر اها پرامن احتجاجي رڙ ڪنهن سياسي مفاد واري نعري جي ماتحت ٿي وئي ته پوءِ ان جو حشر به ”چي گويرائن“، ”هوچين“ ۽ ”ابوجهادن“ جي دور ۾ ٿيندڙ جلسن جهڙو ٿيندو جيڪي صدارت ڪير ڪري، پهريان نالو ڪنهن جو کڄي جهڙن سببن تان شروع ٿيندڙ اختلافن جي ڪري ناڪام ٿي ويندا هئا. پهرئين قدم طور ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي سنڌين کي خاص ڪري، خالص سول سوسائٽيءَ طور سرگرم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهو ڪردار لڳي ايئن ٿو ته ڊگھي وقت تائين بنان ٿڪ ڀڃڻ جي جاري رکڻو پوندو ڇو ته سوشل ميڊيا معرفت ناانصافين جي سامهون اچڻ واري شرح وڌي چڪي آهي. ان ڪري سنڌ جي ماڻهن کي هڪ آواز ٿي نڪري اچڻ جي همٿ هر وقت گڏ رکڻي پوندي. رنگين سياسي نظرين جي نفرت کي وسارڻ انتهائي ضروري آهي. ڇو اسان جي مايوسي به انهن ڇڙوڇڙ سياسي رنگن جي ڪري چٽڪٻري آهي. منجهائيندڙ رنگن واري انهيءَ مايوسي کي ”جيئن آهي جتي آهي“ جي بنياد تي ڇڏي هاڻي سنڌي ماڻهوءَ جي عزت لاءِ پرامن طور هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ وارو وقت شروع ٿي چڪو آهي.
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter