سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سوشل ميڊيا تي انتهاپسندانه موقف رکندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ٿيندو : وفاقي وزير


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/13/2019


لاهوت ڊاٽ ڪام
اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ايندڙ ڪجه هفتن اندر سوشل ميڊيا تي انتهاپسندانه موقف رکندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ٿيندو.اسلام آباد ۾ اربع ڏينهن هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسانجي ايجنسين ايف آئي سميت گڏجي ويهي هڪ ميڪنزم جوڙيو آهي جنهن تحت سوشل ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪيو ويندو.ان ميڪنزم تحت ئي سوشل ميڊيا تي نفرتون ڦهلائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.
وفاقي وزير چيو ته اسانجو مسئلو اهو آهي ته فارمل ميڊيا کان انفارمل ميڊيا اڳتي پئي وڃي تنهنڪري اهو ضروري ٿي پيو آهي ته سوشل ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪيو وڃي.
هن چيو ته اسان نئين اٿارٽي پاڪستان ميديا ريگيوليٽري اٿارٽي قائم پيا ڪريون جتان هڪ ئي جڳهه تان ون ونڊو آپريشن ڪري ڊجيٽل، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ڏٺو ويندو.
وفاقي وزير چيو ته هن هفتي اسان ڪجهه اهم گرفتاريون ڪيون آهن جيڪي سوشل ميڊيا جو استعمال ڪري فتوائون جاري پيا ڪن، ڌمڪيون پيا ڏين يا پنهنجا انتهاپسندانه خيال پيا شيئر ڪن..هن چيو ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ انهن عناصرن خلاف اڃان سخت قدم کنيو ويندو.
هن چيو ته ڪنهنکي به رياست اجازت نه ڏيندي ته پنهنجا انتهاپسندانه خيال زورزبردستي ذريعي ٻين مٿان مڙهين يا ڦهلائين.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter