02/14/2019
لاهوت ڊاٽ ڪام رپورٽ
حڪومت پاڪستان پاران سعودي شهزادي محمد بن سلمان جي ٻن ڏينهن واري دوري جا انتظامات مڪمل ڪيا ويا آهن.وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي هو ڇنڇر کان ٻن ڏينهن جي دوري تي نور خان ائربيس تي لهندو جتان کيس وزيراعظم هائوس نيو ويندو.
پوليس ذريعن موجب سعودي شهزادي جي آمد سبب اسلام آباد ۽ راولپنڊي وارن شهرن ۾ موبائيل سروس معطل رهندي جڏهن ته ائراسپيس بند ڪيو ويندو ۽ هيوي ٽريفڪ لئه مک روٽس بند رهندا.
عرب نيوز موجب اطلاعات واري وفاقي وزير چيو آهي ته ولي عهد شهزادو پهريون اسٽيٽ گيسٽ هوندو جيڪو وزيراعظم جي استعمال هيٺ هائوس ۾ رهندو.وزير موجب ان موقعي تي وزيرعظم هائوس جي سيڪويرٽي سعودي عرب جون ٽيمون سنڀالينديون پر پاڪستاني فورس پڻ انهن سان گڏ هوندو.
پوليس ذريعن موجب ٻنهي شهرن ۾ هڪ هزار چيڪ پوسٽون لڳايون وينديون.هيوي ٽريفڪ مک روٽس تان بند هوندي ميٽرو سروس پڻ صرف راولپنڊي تائين محدود هوندي.
سعودي شهزادي جي دوري دوران ڊرون يا بين هوائي اوزارن کي ڏسندي ئي گويل هڻڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
عرب نيوز موجب سعودي سيڪيورٽي ۽ انٽيلجنس وارا اسلام آباد ۾ شهزادي جي دوري دوران موجود هوندا.
ذريعن موجب سعودي شهزادي جي دوري کان پهريان ان جي استعمال لئه گاڏيون نورخان ائربيس تي پهچي چڪيون آهن جن ۾ ست بي ايم ڊبليو سيون سيريز واريون گاڏيون ۽ هڪ لينڊ ڪروزر شامل آهي.
جڏهن ته سعودي شهزادي جي ذاتي استعمال وارو سامان اٺن ڪنٽينرن ۾ وزيراعظم هائوس پهچايو ويو آهي.
سعودي شهزادي جي پاڪستان دوري دوران مختلف شعبن ۾ ايم او يو تي صحيحون ڪيون وينديون