سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

محبت صرف هڪ ڏينهن جي محتاج ته ناهي........


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/13/2019

عائشه حسن ڌاريجو

توهان مونکي ملهايو ٿا , خوشين جا سنيها کڻي هڪٻئي ڏي موڪليو ٿا ,ڳاڙها گل وٺي هڪٻئي کي ڏيو ٿا ,سهڻا سهڻا لباس اوڍيو ٿا ,سٺا کاڌا پچائي پنهنجي محبت ڪندڙن کي کارايو ٿا ,سڄو ڏينهن پنهنجي محبوب کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا , مهانگا ,مهانگا تحفا ڏيو ٿا پر هڪ ڏينهن ڇو؟

مونکي هڪ ڏينهن تائين محدود نه ڪيو ,مان ته توهان جي دلين  ۾ وسان ٿو ۽ دلين  ۾ وسڻ وارا  ته هر وقت گڏ رهندا  آهن ,جيئن ٻوٽي کي وڌڻ لاء ان جي آبياري ڪرڻ لاء ان کي پاڻي ,هوا ۽ روشني جي ضرورت هوندي آهي ائين مونکي به توهان جي توجه جي ضرورت آهي ,ٿورو  ئي صحيح پر روز ٻه جملا محبت جا چئي مونکي ياد ڪيو ,هڪ خوبصورت مسڪراهٽ ٻين تائين پهچايو ,پنهنجي پرين کي هڪ مستي ڀري مرڪ  ڏيو ,ڪڏھن ,ڪڏھن ڪنهن جي خوشي خاطر ڪو تحفو وٺي ڏيو پر مونکي ڪنهن هڪ ڏينهن تائين محدود نه ڪيو .

الائي ڇو هڪ ڏينهن جي وٺ وٺان کانپو ء ماڻھو مونکي وساري ويهندا آهن ,پنهنجي دنياوي مصروفيتن ۾ ايترو الجهي ويندا آهن جو مان اداس ٿي ويندو آهيان , ڇا ڪيان مان به اڪيلائپ کان تنگ ٿي ويندو آهيان سوچيندو آهيان ڪڏھن ٿي 14 فيبروري اچي جو مان ماڻھن جي دلين جي ,بازارن جي دوڪانن جي ,گهرن جي ,آفيسن جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي خبرن جي زينت بڻجان ,هڪ ڏينهن گذرڻ کانپوء ساڳي ڪمري جي اڪيلائپ ,ديوارن جي اداسي منهنجي من کي منجهائيندي آهي  ,مان پاڻ کي هيڻو محسوس ڪندو آهيان پر وساريان ڇو ٿو ڪجه جوڙا ,ساٿي ۽ دوست اهڙا به آهن جيڪي ڏينهن ۾ مونکي الائي ڪيترا ڀيرا  ياد ڪندا آهن انهي مهل آء اڏرندو آهيان منهنجي خوشي جو انت ناهي هوندو ڇو جو ٻه محبت ڪندڙ دليون مونکي ياد ڪرڻ لاء باسون باسينديون آهن ۽ مان سندن پيار ڏسي حيران ٿيندو آهيان ,سر کاهوڙي ۾ شاه سائين فرمايو آهي ته
جتي نه پکيء پير تت ٽمڪي باهڙي 
ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙڪيء کير ري

عاشقن کان سواء ڪير اهڙا ڪشالا ڪڍندو اهيا همت سچن پيار ڪندڙن عاشقن جي  ئي آهي جن جي اندر ۾ هر وقت محبوب جي ياد جو ڏيئو ٻري ٿو ,ڪنهن به صورت ۾ سندن محبوب جو ديرو وسيل رهي ٿو ,پو ڇو مان ڪنهن هڪ ڏينهن جو پابند ٿيان سڀ ڏينهن منهنجا آهن سچن جذبن رکندڙن جا آهن

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter