سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ويلنٽائين ڊي تي پئدا ٿيل مڌوبالا کي گوگل پاران ڊوڊل جو تحفو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/13/2019

مونکي ڄڻيو محبت...
لاهوت ڊاٽ ڪام رپورٽ
گوگل پاران بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪاره مڌوبالا کي سندس جنم ڏينهن تي ڊوڊل تيار ڪري گفٽ جو اعزاز ڏنو ويو آهي.مڌو بالا اگر زنده هجي ها ته اڄ 86 سالن جي عورت هجي ها. مڌوبالا جو اهو ڊوڊل بينگالورو ۾ رهندڙ آرٽسٽ محمد ساجد تيار ڪيو آهي.مڌوبالا کي بالي ووڊ جي مارلن منرو به چيو وڃي ٿو.
مڌوبالا 1933 ۾ دهلي جي ممتاز جهان بيگم دهلوي جي گهر پئدا ٿي بعد ۾ سندس والدين بمبئي منتقل ٿي ويا ۽ هو بامبي ٽاڪيز فل اسٽوڊيو جي ڀرسان ئي پلجي وڏي ٿي.
اسڪرين تي سندس پهرين اداڪاري 9 سالن جي عمر سامهون آئي جيڪا فلم بسنت ۾ بيبي ممتاز جي ڪردار ۾ هن نڀائي.پنجن سالن کانپوء هن اداڪار راجڪپور سان گڏ فلم نيل ڪمل ۾ ڪردار ادا ڪيو.
مڌوبالا پنهنجي والدين ۽ چئن ڀينرن جي گهر جو خرچ هلائڻ لئه مستقل ڪم ڪندي رهي ۽  1949 ۾ نون فلمن ۾ ڪم ڪيائين.جنهن ۾ سندس هٽ فلم محل به شامل هئي.فلمن سندس ڀاڳ اهڙو کليو جو ايندڙ ٻن ڏهاڪن دوران هن 70 فلمن ۾ ڪم ڪيو جن مان مک فهرست ۾ بيقصور، بادل، ڪال اپاڻي ، چلتي ڪا نام گاڙي ۽ هميشه لئه ڇاپ ڇڏيندڙ مغل اعظم شامل هيون.
مغل اعظم ۾ انارڪلي جو ڪردار مڌوبالا  ادا ڪيو جڏهن ته شهزادي سليم جو ڪردار دليپ ڪمار ادا ڪيو.انهن ڏينهن ۾ اهي افواهه عام هليا ته فلم جي شوٽنگ دوران ٻنهي وچم معاشقو هلندو رهيو جيڪو فلم جي رليز ٿيڻ سان ئي خاتمي تي پهتو.مغل اعظم فلم ۾ مڌوبالا جي ڪردار جي تعريف توڙي جو تمام گهڻي ٿي پر کيس ڪو به ايوارڊ نه ملي سگهيو.
دليپ ڪمار سان عشق ۾ ناڪامي بعد مڌوبالا 1960 ۾ اداڪار ڪشور ڪمار سان شادي ڪئي جياڪ قانوني طور سندس وفات واري سال يعني 1969 تائين برقرار رهي پر مڌوبالا جي بايوگرافي لکندڙ خديجه اڪبر لکيو آهي ته مڌوبالا اداڪار ڪشور ڪمار کي گهڻو نه سڃاڻيندي هئي پر ان سان شادي صرف انڪري ڪيائين ته جيئن اهو ڏيکاري سگهي ته هو دليپ ڪمار کانسواءَ ڪنهن ٻئي سان به زوندگي گذاري سگهي ٿي.
مڌوبالا جي طبيعت 1960 ۾ خراب ٿي پئي ۽ کيس دل جي تڪليف ظاهر ٿي.سندس مڙس کيس لنڊن به علاج خاطر کڻائي ويو پر هن جي طبيعت ۾ سڏارو نه آيو ۽ هو پنهنجيون رهيل فلمون به مڪمل نه ڪري سگهي.مڌوبالا فيبروري جي ويلنتائين ڊي تي جنم ورتو ۽ وفات به فيبروري مهيني جي 23 تاريخ تي 1969 ۾ ڪيائين.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter