سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سائينداد سروس ڪميشن ميمبر مارچ ۾ ريٽائر ٿيندو ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/14/2019

لاهوت ڊاٽ ڪام رپورٽ
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مقابلي وارن امتحانن جي سالن کان  تياري ڪندڙ هزارين اميدوار حيران آهن ته هر ڀيري چٽاڀيٽي جي امتحانن ۾ ڪميشن ميمبر سائينداد سولنگي جا ٻار ڪيئن پاس وڃن ٿا.؟ جڏهن ته سوين ذهين شاگرد هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا.
سائينداد سولنگي خيرپور ميرس جي ڳوٺ وڏا ماڇيون جو ويٺل آهي جنهنڪري سندس ڳوٺ وارا پڻ مبينا طور فائدي ۾ رهيا آهن پر سندس خاندان جي باري ۾ معلومات رکندڙن جو خيال آهي ته سائينداد پنهنجي اولاد کي اسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻيون نوڪريون ڪميشن ذريعي ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
ڪميشن ميمبر سائينداد جي اولاد جو ريڪارڊ رکندڙن لاهوت کي ٻڌايو آهي ته سائينداد سولنگي جي اولاد مان  غلام نبي اٺين نمبر تي اسٽنٽ ڪمشنر ٿي ويو آهي جڏهن ته سندس هڪ نياڻي مهوش سولنگي پلاننگ آفيسر ۽ ٻي نياڻي مس عمه سولنگي اسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪامياب ٿي وئي آهي.
سالن کان ڪميشن جي تياري ڪندڙ ۽ فيل ٿيندڙ اميدوارن هر ڀيري سائينداد جي اولاد پاس ٿيڻ سبب سندس فيملي پس منظر تي پڻ توجهه ڏنو ۽ انهن اميدوارن ئي لاهوت کي ٻڌايو آهي ته ڪميشن ميمبر سائينداد جون ٻه شاديون ٿيل آهن جنهنڪري هن پٽن جا ڊوميسائيل سنڌ رورل ۽ چيئرن جا ڊوميسائيل سنڌ اربن جا تيار ڪرايا آهن.
سائينداد سولنگي جي اولاد جي لڳاتار ڪميشن پاس نوڪريون حاصل ڪرڻ سبب سوشل ميڊيا تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.ڪجهه اميدوارن لکيو آهي ته اگر سائينداد جي اولاد مڪمل ٿي وئي هجي ته اسان پنهنجي اولاد کي ڪميشن جي تياري ڪرايون.هڪ ٻئي سوشل ميڊيا يوزر ته ان حد تائين لکيو آهي ته ڪميشن ۾ پاس ڪيو پوء ڀلي ولديت سائينداد لکي ڇڏيو...
سائينداد سولنگي بابت ڪميشن ذريعن جو چوڻ آهي ته هو ايندڙ مارچ ۾ ريٽائرڊ ٿي رهيو آهي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter