سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ٻه مزاحيا فنڪار ٽيون ملان : جوڙي ڪيئن ٺهيو ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/15/2019

لاهوتي
سوشل ميڊيا تي اڄڪلهه جن ٽن مزاحيا ماڻهن جي وڏي لئه لڳي پئي آهي انهن ۾ ٻه مزاحيه فنڪار آهن ته هڪڙو ملان به انهن ۾ شامل آهي.
سوشل ميڊيا جي مختلف ويب سائيٽن تي انهن جي پيروڊي ڪري نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون انهن کي فالو ڪري رهيا آهن.
سوشل ميڊيا جي يو ٽيون واري سائيٽ کان هٽي ٽڪ ٽوڪ تي سهراب سومرو ۽ علي گل ملاح جي ادا ڪيل ڊائلاگن تي نوجوان پنهنجون وڊيو پيروڊيز ٺاهي اپلوڊ ڪري رهيا آهن.
جڏهن ته ان سموري مزاحيه فنڪاري ۾ مولانا اسد الله کهڙو به شامل آهي جنهنجي مختلف تقريرن جا ٽڪرا کڻي ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون پيروڊي ڪري رهيا آهن.اسد کهڙو جون آڊيو توڙي وڊيو تقريرون هونئن ته واٽس ايپ تي يا فيس بڪ ٽڪرن جي صورت ۾ موجود آهن پر هاڻي ڪيترائي نوجوان کيس ٽڪ ٽوڪ تي پيروڊي ڪري پنهنجون وڊيوز اپلُوڊ ڪري رهيا آهن.
هڪ سوري مطابق مزاحيا فنڪارن سهراب سومري ۽ علي گل ملاح کانپو۽ جنهن مزاحيه ماڻهون جون پيروڊيوز ڪيون وڃن ٿيون اهو مولانا اسدالله کهڙو آهي.سندس تقريرن مان مزاحيه ٽڪرا ڪڍي ماڻهون پنهنجي دل وندرائي رهيا آهن.جن مان هڪ ڊائلاگ اٿس ته شادي ڇورن لئه ائين ٿو جيئن ٽريڪٽر لئه ٿريشر...جهل دٻ....
ان ڏس ۾ لاهوت ڊاٽ ڪام کي مزاحيه فنڪار سهراب  سومري ٻڌايو آهي ته مولانا اسد کهڙو سندن دوست آهي ۽ هو هڪٻئي سان رابطاي ۾ رهندا آهن.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter