سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سنڌي صحافي ڪارساز ڌرڻي ۾ پي پي پي جي ونگار ڪيئن وهي ويا..؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/15/2019


مير ٿيٻو..
ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ ۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندڙ مير ٿيٻي ڪارساز ڌرڻي بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.سندس خيال سندس فيس بڪ وال تي انگريزي م لکيل آهن جن کي اسان سنڌي ۾ ترجمو ڪري لاهوت ڊاٽ ڪام پڙهندڙن اڳيان رکي رهيا آهيون.
سنڌ جي مشهور صحافين ڪيئن نه وڏي چالاڪي سان بال آڻي (وزيراعلي) مراد علي شاه جي ڪورٽ ۾ رکيو ته جيئن هو هاڪي راند جيان گول ڪري سگهي.
جڏهن غريب رمشا وساڻ سان زوري زنا ڪري کيس قتل ڪيو ويو هو ته مراد علي شاه جا چپ سبيل هئا. ( سنڌ اسميبلي ۾ ) پي پي پي ٺهراء پيش ڪرڻ نه ڏنو هو ڇو ته جيڪي قاتل هئا سي منظور وساڻ جا ماڻهون هئا.
پر رانجهاڻي ڪيس ۾ وزيرعلي مراد علي شاه تمام گهڻو سرگرم ٿي ويو. ڪارساز ڌرڻي ۾ سرگرم صحافين وڏو ڪردار ادا ڪيو انهن مان هڪ ته ويگو هلائندو آهي.انهن ( صحاين) ته وزيرن کي به دعوت ڏني ته هو ڌرڻي ۾ اچي شريڪ ٿين ڄڻ ته اهي وزير نه پر مخالف ڌر هئا..
ڌرڻو هڻندڙ صحافين اعلان ڪيو ته اهي ايف آئي آر درج ڪرائڻ ويندا وزير ۽ سياسي اڳواڻ به انهن سان گڏ ويا پر ماڻهن کي اڌ ۾ ڇڏي ويا جنهن تي وومين ايڪشن فورم جي هڪ اڳواڻ ڪاوڙجي پئي ته اهي ماڻهن کي ائين اڌ رستي ۾ ڪيئن ٿا ڇڏي سگهن.
هر عوامي جدوجهد يا احتجاج ۾ ائين ئي ٿيندو آهي ته جيڪا وڏي پارٽي هوندي آهي اهائي شو لٽي ويندي آهي رانجهاڻي ڪيس ۾ ڪريڊٽ ته عام سنڌي ماڻهن يا سياسي ورڪرن ڏانهن وڃي ٿو پر  آخر ۾ ائين ٿيو جو سنڌ جي وزيراعلي سڄو شو لٽي ورتو ۽ پيپلزپارٽي جي ماضي جي گناهن ۽ داغن کي ڌوئي ڇڏيو.ان سموري گيم دوران پيپلزپارٽي اسلام آباد وارن کي به پيغام ڏئي ڇيڏو ته سنڌ پيپلزپارٽي سان بيٺل آهي.وزيراعلي مراد علي شاه کي شاباش هجي جيڪو سٺو کيڏيو....

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter