سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ديدار شاهه جي دلچسپ شاعري واري ڪتاب تي تبصرو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/15/2019


ظهير عباس لغاري


سارنگا طرفان ديدارشاهه جي شاعري جو مجموعو " ٻيو ڪو ٻيجل " جي نالي سان شايع ٿي توهان ۽ اسان جي ھٿن تائين پھتو آهي ـ سيد سڳوري کي ڪتاب جون واڌايون ھجن ـ ـ
پاڻ نه ڪو شاعر ـ نه اديب ـ بس ادب پڙھندڙـ ان جي راء ناقص يقينن ناقص ئي  ھوندي ـ ڪتاب ھٿ ۾ کنيوسين مھاڳ تي نظر پئي جيڪو ھڪ ڊاڪٽر جو لکيل آهي ـ  ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته :

"ھنن شعرن ۾ رڳو ڪنهن تاريخي واقعي يا ڪردار طرف اشارو ڪيل نه آهي ـ پر ھن تاريخي ڪردارن کي نوان واقعا ء ڀران ڪردار بخشيا آهن ـ اسان ڪٿي به نوري جي ننڍي ڀيڻ ـ سھڻي جي ٻي ڀيڻ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ جو ذڪر نه پڙھيو آهي ـ اسان جي تاريخي ادراڪ ء تخيلاتي شعور کي تڪميلي صورت بخشي آهي " 

ھاڻ شاعر پنهنجي پاران " ھي شاعري ھڪ صدا آهي " جي سري سان لکي ٿو ته :

" ھڪڙي ڀيري ڪينجھر جي ڪناري تي بيٺو ھيس ـ منهنجي سامهون رٻڙ جي ٽيوبن تي ڪجهه ڇوڪريون پاڻي ۾ تري رھيون ھيون ـ انهن ۾ ھڪڙي  گلابي رنگ جو ويس پاتل رڄ سھڻي ڇوڪري ھئي ـ جنهن جو رنگ ٻاٻرن ٽانڊن جي ڳاڙھن ڇرن جھڙو ھوبھو ھو ـ  ھن جا وار ايترا ته ڊگھا ھيا جو اھي ڪينجھر  جي پاڻي ۾ پسي رھيا ھئا ـ مون کان ڪنهن دوست پڇيو ته اھا ڇوڪري ڪير آهي ? مون ان دوست کي ٺھ پھ وراڻيو ھو ته  اھا ڇوڪري نوري مھاڻي جي ننڍي ڀيڻ آهي ـ ـ ـ ـ

ھاڻي اھا ڪيڏي نه کل جھڙي ڳالهه آهي جو  وڏا وار ۽ سھڻي  ھجڻ جي ڪري ڇوڪري  کي نوري جي ڀيڻ سڏڻ تي ھڪ ڪردار ٺهي پيو پر ان جو ڪو به نالو ناهي ـ سھڻي جي جاڙي ڀيڻ جي تشبيهه ھڪ ڪردار آهي جنهن جو به اسان کي پتو نه ھو ـ روپلي جي ڌي نيرا مور ٿي پالي پر ان جي نالي جو به پتو ئي نه ھو ـ انهن جي نالن جي پرواهه ناهي پر اسان لاء ڪردار ٿي ويا ـ اھڙن ڪردارن  کان واقفيت ڪرائڻ تي ڊاڪٽر صاحب کيس سرٽفيفڪيٽ ڏئي ڇڏيوـ اھڙي طرح سان  تاريخي ادراڪ ء تخيلاتي شعور تڪميل  تي پھتو ـ

ھاڻ اچون ٿا غزلن تي ـ مون ھن ئي ڪتاب جي باري ۾ پڙھيو ھو ته ديدار شاهه جو غزل اھڙو آهي جھڙو  غزل شيخ اياز کان پوء دل پڙھڻ پئي چاھيو ـ

بنا ڊيگهه ويڪر جي پاڻ ڪجهه ڳالهيون ڪنداسين ـ جيڪي پاڻ پڙھندڙ  جي حيثيت ۾ پڙھيون ء محسوس ڪيون آهن ـ اجھو ھي پڙھو :

"ڏٺي سوڍي اٿئي ڪجلي ڪنواري ڪاجلاسر جي ـ
ھرڻ ڪن ساھ ٿا مٺ ۾ ـ جڏهن آهي نھاريندي "

اھو ڪجلاسر آهي يا ڪاجلاسر ـ  شاعر ٻولي ۾ واڌارو ڪندا آهن يا بگاڙيندا آهن ـ شاعرن کي بحر وزن درست ڪرڻ لاء لفظن کي ٽوڙي مروڙي استعمال ڪرڻ جو حق آهي ـ ڇاڪاڻ ته شاعر جو شعر لازمي آهي ـ ٻولي جو مڙئي خير آهي ـ

وري ٻي غزل جو ھي بند ڏسو :

" ڏسين ٿو لاڙ جي پٽ ۾ گلابي موملون آهن ـ
جنين جا ڌو چريا عاشق به راڻا ڪيترا آهن ـ "

ڌو چريا عاشق به آهن ته راڻا به آهن ـ

صفحي نمبر 20 تي آيل غزل جا ھي بند ڏسو :

" اچي ڦاٿو آکي ۾ ڄڻ ته درياھ خان دولھ ھو ـ
اڏيو وانجھار وارن جو " ھمون " ھو ء پکي ھئا ڪجهه "

فوٽ نوٽ ۾ لکيل آهي ته " ھمون " درياء جي وني جو نالو آهي ـ

ڌيان سان پڙھجو دولھ دريا خان نه ـ دريا خان دولھ  ـ پر ڦاٿو اچي آکي ۾ ـ آئون مٿي لکي آيو آھيان ته شايد شاعرن کي  اسان جي تاريخي جاين ء ڪردارن  کي پنهنجي بحر وزن مطابق بگاڙڻ جو اختيار آهي ـ مون کي ھڪ ڳالهه ياد پئي اچي ته ننڍي لاء ٻڌندا ھئاسين ته " برڪت علي چوڌري ٿي ويو ھو چرڪت علي بوڌري ـ

ھن غزل جا بند ڏسو :ـ

"ھو ته مون کان ھٿ ڇڏائي  واء مينهن وانگر ھليو ويو ـ
ڪونه مون کي ھن جھليو ھو ـ ڄڻ جھليو بيٺو ھيو ـ "

واء مينهن وانگر ھليو ويو ـ ڪونه مون کي ھن جھليو ـ پر ڄڻ جھليو بيٺو ھيو ـ ڪيئن ٿا ڀانئيو ـ  اڃان پڙھو ـ

" ھڪ قدم اڳتي نه چوريا پير مون پنھنجا ھئا ـ
اک ڪنواري ۾ لڳو  ھڻ کڻ جھليو بيٺو ھيو ـ "

ڳالهه ته ڏسو ـ " ھڻ کڻ " جھليو بيٺو ھيو ـ " ھڻ کڻ " آهي ته ھڪ بلا جو قسم پر ڪکڻ جي بجاء ڀاڪر پائي قابو ڪري بيھي رھندو آهي ـ

ڪي غزل اھڙا  ته شاندار آهن جو انهن تي نثر ھجڻ جو گمان ٿيندو آهي ـ ھي ڏسو :

" سڌ اھا ڊيل ڊيل کي آهي ـ سڻس آهي ڌنار ڇورن کي ـ
تو اڌارو کڻي نگاهن مان رنگ نيرو ڏنو آهي مورن کي ـ

مچ ڪچھريون اڃان ميون ناھن ـ سنڃ نه سانگي جو آهي اوتارو ـ
آء مون ڏي سگھڙ سياري ۾ ننڊ تنهنجي اچي نه ڏورن کي ـ

آء اوٺار ڀيل رانجھا تون وجھ نه محبت جي وچ ۾ مانجھا تون ـ
لاڙ پٽ مان لڻي ڪٿان نه ڪٿان گاهه ڏينداسين تنهنجي گورن کي "

ھاڻ  دل تي ھٿ رکي ٻڌايو ته ھي شاعري آهي يا نثر ـ

ڪيئن ! آهي نه شاندار غزل ـ يقين ڪريو ته ھن شاعر ته ڪمال ڪري ڇڏيو آهي ـ ڪافين جي اھڙي ته ڀرائي  ڪئي آهي جو ھي ڪتاب شاعري جو گھٽ ڪافين جي ڀرائي لاء   سکيا جو ڪتاب وڌيڪ  آهي ـ
ڪو به ماڻھو ھي ڪتاب پڙھي ـ گھٽ مان گھٽ اھڙي شاعري ته ڪري ويندو ـ اگر ان وٽ وقت ھجي  ته ـ

اجھو وري ھي پڙھو :ـ

" ازل کان مون به آکيرو اڏامي ھو اڏيو وڻ ۾
مٽي سان عاشقي منهنجي پکين کان ئي پراڻي آ "

شاعر جي مٽي سان عاشقي پکين کان ئي پراڻي آ ـ

صفحي نمبر 28:تي آيل غزل جي ڀرتي ڏسو :

"ھونئن اڃ ۾ ھرڻ ڇتو ھو پر ـ
ڊوڙ پائي نه ماڪ تي آيو "

مون کي ان ڳالهه جي خبر ناهي ٿي سگهي ٿو ته  شاعر جنهن علائقي سان واسطو رکي ٿو اتي ماڪ  سان ترايون ڀرجي وينديون ھونديون تڏهن ته شڪايت ٿو ڪري ته ھرڻ اڃ ۾ ڇتو ھو پر ڊوڙ پائي ماڪ سان ڀريل ترائي  يا ڍنڍ تي نه آيو ـ
ھن غزل جو تاريخي بند پڙھو :ـ

" اڄ ڀٽائي کڻي طنبوري کي ـ
آ ـ اسان جي اوطاق تي آيو "

سائين ديدار شاهه ڪو معمولي ماڻهو ڪونهي ـ سيد به آهي ـ شاعر به آهي سو لطيف سرڪار طنبورو کڻي ھليو آيو  سائين ديدار شاهه جي اوطاق  تي ـ اسان جون اکيون ٿڌيون ـ

ٿورو ترسو ھي شاعري به پڙھندا ھلو ـ معاف ڪجو ڪجهه دماغ پاڻ به استعمال  ڪريو ـ من ڪا معنى نڪري پوي :

ھي صفحي نمبر 25 جي غزل جو بند آهي :ـ

" آئون تنهنجي سونهن جو ھاري به ڄڻ سرڙيو ميان ـ
قرب جي تو ۾ ڇٽي ڪورڙ ـ ڇڏي ويندس ھليو ـ "'

آهي به سرڙيو ھاري پر ڇٽي ڪورڙ ڇڏي ويندس ھليو ـ

ھي صفحي نمبر 33 جي غزل جو به ھڪ بند پڙهي ڏسو ـ پوء کٽن توهان جا ڀاڳ :

" چنڊ کي جر ڍنڍ جي مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي
ٻاچ تنهنجي جو ڇلو ان مان اھو ڄاڻو گھڙي "

 

صفحي نمبر 32 تي غزل جي جڏهن ھن بند تي نظر پئي ته اچرج ۾ پئجي ويس ته سردار شاهه بئڪ ٽائيٽل  جي نالي تي جيڪو " تعريفي خطبو " فرمايو آهي آخر ان جي ڪا وجھ ته ضرور ھوندي ـ

" ھڪ تنھائي جي سڄي ڦاٽل رلي ـ
ٻيو وڇوڙي جي ھوا ۾ ٿڌ پرين ـ "

ھن کان اڳ ۾ وڇوڙي جي تشبيهه باھ سان ٻڌي / پڙھي سين ـ پر ھاڻ ته وڇوڙي جي ھوا ۾ ٿڌ آهي ـ پاڻ غريب ماڻهو اي سي وٺي ڪونه سگھون ـ سوچيون ٿا ته ھڪ عشق ڪريون پر ان ۾ وڇوڙو ضروري ھجي  تاڪي جون جون جولاء جي گرمين ۾ به سک سان ته گذاري سگھون ـ

صفحي نمبر 33 واري غزل جو آخري بند پڙھو :ـ

"تيستائين ترس ٿورو عشق اوء اونٿرا ـ
جيستائين موھي مارڻ جو پرين ماڻو گھڙي "

ڇا ٿا سمجھو پرين ۾ موھي مارڻ جو ماڻو آهي ڪونه ـ شاعر / عاشق کي به ڪا تڪڙ ڪانهي بيٺا آھن جيستائين پرين موھي مارڻ جو ماڻو گھڙي وٺي ـ

اجھو ھي به پڙھندا ھلو متان چئو ته اسان کي خبر ئي نه ھئي :ـ
" حسن تنھنجو خدا ھو ء اھا ان جي خدائي ھئي ـ
ملڻ سان وڇڙيا ھئا سين ـ جدائي سان مليا ھئاسين ـ

نه نينگر عام ھوشو ھو ـ ڄمڻ سان ڄام ھوشو ھو ـ
وڍيو ھو جنهن سندس ناڙو سندس دائي سان مليا ھئاسين"

ڀرائي ته ڪرڻي آهي ـ

ٿورو ترسو ھي به پڙھندا ھلو :ـ

" ھاڪ ٿي پوء ھوڪ ٿي ويئي ـ
ايتري ھو ملوڪ ٿي ويئي "

ھڪ غزل جو بند ته ڏسو :ـ

"" ھوا ڀنڀور ڀلي مھڪندي رھي تنهنجي بدن ۾ ـ
سسئي جي ڇير جي ڇن ڇن ڇنن ۾ ڇن ڇن ۾  "

پنهنجو ته ايترو مطالعو ناهي ٿي سگهي ٿو ته سسئي ڇير پائي پنھون جي ڳولھا ڪئي ھجي ـ

ھڪڙي  غزل ڪو بند پڙھو ـ:ـ

" ڦٽي ٿيو مينهن ۾ ڪيڏيون نه ننڍڙيون ڏس نمون آهن
نمورين جو ھي ڇاڻو ڪو ڪکائين گھر اڳيان تنهنجي "

" جنين عشق اوڍيا اتر جي مٽي کي ـ
ڏسين ٿو ڪھاڙين سان پوريون ويون ٿي "

ڪھاڙي مان ڪڍڻ معني قتل ڪرڻ ته ٻڌو / پڙھيو سين پر " ڪھاڙي  سان پورڻ " واري عجيب وارتا ھتي پيا پڙھون ـ

صفحي نمبر 48۔  تي آيل غزل جو ھي بند پڙھو :ـ

"اک ته کانڀاڻي ھئس پر ـ
مند ھن تي جھار جي ھئي "

استاد بخاري چيو ته :ـ

" ھيڏانھن ھوڏانھن جھار وڌي وئي ـ
اک ان جي کانڀاڻي آهي "

آئون ڪجهه ڪونه ٿو چوان ـ بس استاد بخاري جو شعر ذهن تي تري آيو ته لکي ڇڏيم ـ

" ڪر کڻي ء ڪکي وئي مون کي ـ
نيٺ نانگڻ جي ڦوڪ ٿي وئي "

بنا تبصري اڳتي وڌون ٿا ـ

" ويندي چري دلين جي ھر چيٽ کي ڪتي کي ـ
تنهنجي اھا ڀلي اک جي بي لغام ٿيندي "

" بي لغام اک" تي  ته شاعر ۽ نقاد ئي بحث ڪندا ـ پاڻ ته عام پڙھندڙ آھيون سو اڳتي وڌون ٿا ـ

" شھر تنهنجي اڇليو شرارت جو ڪچرو ـ
اسين ڄڻ ھئاسين اروڙي پيارا "

ھي ته چند مثال آھن ـ ھي ڪتاب" ڀرائي " جو شاندار نمونو آهي ـ ھي غزل آهن جنين لاء اکيون شيخ اياز جي غزل کان پوء منتظر ھيون۔ ۔  ـ
ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل جي نالي تي سائين سردار شاهه جيڪو پاڻ به ھڪ شاعر آهي ـ سو شاعر ء  شاعري تي اھڙو ته  شاندار خطبوادا فرمايو آهي جو الامان والحفيظ ـ

سائين ته سائين آهي پر ڊاڪٽر صاحب به گھٽ ڪانه ڪئي آهي ـ

پنهنجي ھن صفا سادي مضمون جي ھي آخري ڳالهه ته ھن ڪتاب جو مھاڳ ھڪ ڊاڪٽر لکيو آهي جيڪو پڙھڻ جھڙو آهي ـ شاعر ڪمال جون سٽون لکيون آهن جن تي ڊاڪٽر صاحب جي ڪمال جي نظر به ضرور وڌي ھوندي ـ
" مينهن جو مامون ھئو ڄڻ مينگھواڙي ڇوڪري "
مينگھواڙي  ڇوڪري مينهن جو مامون ھئو   ـ اچي پئي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ـ 
ڪتاب وٺو ته چڱي ڳالهه آهي ڇاڪاڻ ته سنڌي ڪتاب جو وڪرو وڌندو ـ اگر نه ته به ڊاڪٽر صاحب جو مھاڳ فوٽو ڪاپي ڪرائي پڙھو تا ڪي توھان کي به اندازو ٿئي ته اسان جا ڊاڪٽر ڪيڏا نه  اڪابر آهن ء ڊگريون ڪيڏيون نه سستيون آهن ـ
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter