سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

پلواما حملو : ڊار مولوي ٿيڻ بدران خودڪش بمبار ڪيئن بڻيو ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/15/2019


ويب ڊيسڪ
انڊيا جي فوجن مٿان والاريل ڪشمير جي علائقي پلواما ۾ جيڪو حملو 14 فيبروري ٿيو آهي سو خودڪش نوعيت جو ٻڌايو وڃي ٿو.
ان خودڪش حملي جي نتيجي ۾ انڊين فوج جا 40 کان مٿي سپاهي مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي آهن.
اهو خودڪش حملو پلواما ضلعي جي هڪ 19 ساله نوجوان عادل احمد ڊار  عرف وقاص ڪمانڊو ڪيو آهي جيڪو هڪ مدرسي ۾ مولي ٿيڻ ويو هو پر سندس والد جي بيان مطابق فدائي ٿي واپس آيو.
انڊيا ۾ هن وقت پلواما حملي بابت تمام گهڻا تبصرا ٿي رهيا آهن پر والاريل ڪشمير جي ض:عي گنڊي باغ ضلعي پلواما ۾ خودڪش بمبار عاد ڊار جي والد  غلام حسن ڊار سان ڪيل ڪچهري مان معلوم ٿيو آهي ته سندس پٽ انڊين فوجين جا ظلم ڏسي هٿياربند ويڙه جي واٽ ورتي.
غلام حسن ڊار ڀارتي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته سندس پت کي ان ڏينهن کان گهڻي ڪاوڙ هئي جڏهن 2016 جي فسدان دوران کيس رستي ويندي روڪي اسپيشل ٽاسڪ فورس جي سپاهين روڊ سان نڪ رڳڙڻ جو حڪم ڏنو.غلام حسن موجب انهن فوجين سندس پت کي حڪم ڏنو ته فوجين جي جيپ جي چوڌاري نڪ سان گول دائرو ٺاهي ته پُء کيس وڃڻ ڏنو ويندو.سندس اهڙي تذليل بعد هو هميشه لئه گهر ڇڏي ويو ۽ اسان سمجيو ته هاڻي هو شهيد ٿي موٽندو.
پلواما حملو ڪندڙ 19 سالن جي نوجوان جو والد شهر ۽ آسپاس ۾ ڪپڙو وڪڻي گذاري ڪندو آهي.هن چيو ته سندس پٽ ذميوار ماڻهون هو.اگر ڏهه رويپا ڪمائيندو هو ته پنج روپيا ان مان به بچائيندو هو.گهر ۾ پنهنجي ماءُ سان هٿ ونڊائيندو هو.
هن پنهنجي پت جيباري ۾ ٻڌايو ته عادل ڊار مذهبي تعليم شوق سان وٺندو هو ۽ اڳتي هلي مولي ٿيڻ چاهيندو هو جنهن لئه هن اٺ سيپارا قرآن شريف جا حفظ به ڪيا هئا.
هن چيو ته سندس پت 2018 ۾ جڏهن گهر ڇڏي مجاهدن سان نڪري وي ته اسان ان ڏينهن کان کيس شهيد قرار ڏئي ڇڏيو هو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter