02/18/2019
ويب ڊيسڪ
سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر، اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد ۽ ٻين جون نظرثاني درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن.
عدالت جو چوڻ آهي ته ايتري اهم معاميل کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. عدالت جو چوڻ هو ته بي سبب نظرثاني اپيل دائر ڪرڻ تان مٿن ڏنڊ جي سزا به رکي سگهجي پئي.
جڏهن ته سپريم ڪورٽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعلي سيد مراد علي شاه کي نظرثاني اپيلون دائر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ جعلي اڪائونتس ڪيس متعلق نظرثاني جي سماعت ڪئي.ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اگر اربين روپيا غير قانوني طريقي سان ٻاهر ويا آهن ان ڪيس ۾ ته آصف زرداري بدران اهي قلفي ۽ فالودي وارا عدالت ۾ پيش ٿين ها جن جا اڪائونٽ استعمال ٿيا آهن.
عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته اگر پرڏيهه منتقل ڪيل رقم آصف زرداري يا سندس ڀيڻ جي فريال ٽالپر جي ناهي ته انهن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي پر عدالت ان ڪيس جي تفتيش ڪندڙ اداري کي اهو حڪم نٿي ڏئي سگهي ته اهي مذڪوره ماڻهن خلاف ڪاروائي نه ڪري.