سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

وزيراعظم عمران خان پاران پلوامه حملي ڪيس جي جاچ ۾ مڪمل تعاون جي پيشڪش


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/19/2019


ويب ڊيسڪ
پاڪستاني وزيراعظم عمران خان انڊيا کي پلوامه حملي ڪيس جي جاچ ۾ مڪمل تعاون جي پيشڪش ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اگر انڊيا پاڪستان جي سرزمين تي ڪاروائي ڪئي ته پاڪستان ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندو.
وزيراعظم عمران خان اها ڳالهه اڱاري ڏينهن پلوامه حملي بابت پاليسي بيان ڏيندي ڪئي.هن چيو ته انڊيا کي اهو سوچڻ گهرجي ته پاڪستان کي ان حملي مان ڪو به فائدو ناهي.
عمران خان چيو ته ڪو بيوقوف به اهڙو واقعو نه ڪندو پنهنجو پاڻ کي سبوتاز ڪرڻ لئه..هن انڊيا کي مخاطب ٿيندي چيو اگر توهانکي ماضي ۾ ئي ڦاٿل رهڻو آهي ۽ جڏهن به ڪشمير ۾ ڪو سانحو ٿئي ته ان جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏيڻو آهي ته ان طرح سان ته اسان وهپنگ بائي بڻجي وينداسين.
هن چيو ته اگر توهان وٽ ڪي اهڙا ثبوت آهن جن جي بنياد تي ڪاروائي ڪري سگهجي ته اها خفيا معلومات اسان سان شيئر ڪريو مان توهانکي ضمانت ٿو ڏيان ته انهن خلاف قدم کنيو ويندو ۽ انهن مٿان ايڪشن انڪري نه ٿيندو ته ڪو اسان دٻاء ۾ اچي ڪيون ٿا پر انڪري جو اهڙو ڪرڻ وارا اسان سان به دشمني ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم عمران خان چيو ته اگر انڊيا پاڪستان مٿان حملو ڪندو ته انکي اهڙوئي جواب ملندو.هن چيو ته اگر توهان سمجهو ٿا ته توهان پاڪستان تي حملو ڪندا ۽ پاڪستان سوچيندو به نه پر جوابي حملو ڪري ڏيندو.پاڪستان وٽ جوابي حملي کانسواء ٻيو ڪو رستو نه هوندو.
هن چيو ته هي انڊيا ۾ اليڪشن جو سال آهي ۽ اهڙيون ڪري سياسي فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر پوء به هو پراميد آهي ته انڊين حڪومت ان معاملي تي دانشمنداڻو رويو اختيار ڪندي ۽ حالتن کي نه بگاڙيندي.
وزيراعظم عمران خان چيو ته انڊيا کي به سوچڻ گهرجي ته ڪشميري مسئلو صرف ڳالهين ذريعي ئي حل ٿي سگهندو.هن چيو ته انڊيا ۾ نئين سوچ اچڻ کپي ۽ انڊيا کي سوچڻو پوندو ته آخر ڇا سبب آهي جو ڪشميري نوجوان ان حد تائين پهتا آهن جو انهن کي هاڻي موت جو به ڊپ ناهي..

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter