سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سنڌ اسميبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني اسلام آباد مان گرفتار


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/20/2019


ويب ڊيسڪ
سنڌ سميبلي جي اسپڪير آغا سراج دراني کي نيب اهلڪارن اسلام آباد مان گرفتار ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب دراني ڪنهن ڪم سانگي اسلام آباد ويل هو جتي نيب ڪراچي جي هڪ ٽيم کيس گرفتار ڪري ورتو آهي.
نيب ذريعن موجب آغاسراج کي حراست ۾ وٺڻ بعد نيب راولپنڊي منتقل ڪيو ويو آهي جتان امڪان آهي ته کيس سومر تائين ڪراچي سنڌ منتقل ڪيو ويندو.نيب ذريعن موجب نيب اختياريون دراني جي گرفتاري لئه انتظار ۾ هيون ته هو سنڌ صوبو ڇڏي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ داخل ٿئي ته کيس گرفتار ڪجي ڇو ته سنڌ ۾ هو سرڪاري پروٽوڪول ۽ پنهنجي نجي گارڊن سان گڏ گهمندو آهي جنهنڪري گرفتاري وقت ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کي نظر ۾رکندي سنڌ مان کيس گرفتار نه ڪيو ويو هو.
نيب اختيارين جو چوڻ آهي آغا سراج دراني مٿان آمدني جي ذريعن کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ جو ڪيس آهي.مٿس ڪيترن ئي سالن کان جاچ هلندڙ هئي.مٿس ٽي ڪيس اهم هلندڙ آهن جن مان هڪ جي انڪوائري گذريل سال جولائي کان شروع ٿي هئي.
ٻئي طرف تحريڪ انصاف ۽ فنڪشنل ليگ جي سنڌ اسميبلي ميمبرن مطالبو ڪيو آهي ته اسپيڪر آغا سراج دراني کي هاڻي پنهنجي عهدي تان استعفا ڏيڻ گهرجي.ته جيئن تحقيقات شفاف انداز ۾ ٿيڻ گهرجي.
هوڏانهن پيپلزپارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسيمبلي اسپيڪر کي گرفتار ڪرڻ سياسي انتقام جو هڪ نئون نمونو آهي.
اسلام آباد ويل آغا سراج دراني کي نيب جي هڪ ٽيم ان هوٽل مان گرفتار ڪيو آهي جتي هو ترسيل هو.
واضع رهي ته شڪارپور مان پيپلزپارٽي جو هڪ اڳواڻ بابل خان ڀيو اڳم ئي گرفتار ٿيل آهي جنهنجي ضمانت واري درخواست اڃان گذريل ڏينهن ئي رد ٿي هئي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter