سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

منگي ۽ ميمڻ آصف زرداري لئه مٿي جو سور ڪيئن بڻيا ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/21/2019


لاهوت ڊاٽ ڪام
پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران نيب جي سنڌي آفيسرن جو ذڪر ڪيو آهي.هن چيو آهي ته سنڌ مان ڪو منگي صاحب آڻي ان هٿان گرفتاريون ڪرايون پيون وڃن.
عرفان منگي نيب راولپنڊي جو ڊي جي آهي جيڪو اصل ته شڪارپور جو آهي پر هاڻي لڏي وڃي ڪراچي ويٺو آهي.شڪارپوري هئڻ ناتي کيس آغا سراج  دراني جي گرفتاري سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر نيب ذريعن موجب عرفان منگي جو آغا جي گرفتاري سان ڪو تعلق ناهي ڇو ته آغا سراج کي نيب ڪراچي جي اختيارين گرفتار ڪيو آهي.
ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس وارو ڪيس جڏهن کان نيب راولپنڊي کي منتقل ٿيو آهي تڏهن کان زرداري کي اهو منگي ياد اچي رهيو آهي جيڪو 2003 کان نيب ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.نيب کان اڳ هو پاڪستان ريلوي ۾ انجنيئر هوندو هو.
ٻئي طرف ايف آئي اي جي جنهن جي آئي ٽي کي بنياد بڻائي آصف علي زرداري سندس ڀيڻ فريال ٽالپر ، اومني گروپ جي انور مجيد ، سمٽ بئنڪ جي حسين لوائي ۽ ٻين خلاف ڪاروائي ڪئي وئي آهي سا رپورٽ ايف آئي اي ان وقت جوڙي جڏهن شهدادپور واسي پوليس آفيسر بشير ميمڻ ڊي جي ايف آئي اي لڳل آهي.
پوليس آفيسر بشير ميمڻ صوبائي وزير ناصر شاه جو گهاٽو دوست آهي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي هاڻي به اهڙو جيالو سمجهندو آهي جنهن وٽ محترمه بينطير ڀٽو لئه لک عزتون آهن پر سندس مڙس لئه شايد ڪجهه به نه..
بشير ميمڻ جو تعلق پيپلزپارٽي سان پيار ۽ نفرت وارو رهيو آهي.هن پيپلزپارٽي جي هر سٺي عمل جي مدد يا ساراهه ڪئي ۽ هر بري عمل جي نه صرف حمايت نه ڪئي پر کلي مخالفت به ڪئي.تنهنڪري کيس پيپلزپارٽي جي اقتدار وارن ڏينهن ۾ پوسٽنگ نه مليون.
بشير ميمڻ لاڙڪاڻي ۾ ان وقت ايس ايس پي لڳل هو جڏهن الرتضي هائوس تي فائرنگ وارو واقعو پيش آيو ۽ بينظير ڀٽو کيس حڪم ڏنو ته رپورٽ اهڙي ڏي جنهن ۾ ڏيکاريل هجي ته پهريان فائرنگ المرتضي هائوس مان ٿي پر بشير ميمڻ انهن هدايتن جي ابتڙ رپورٽ ڏني ۽ نه رڳو بدلي ٿيو پر معطل به ٿيو.انهن معطلين جي باوجود هن پيپلزپارٽي اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو جي عزت ڪرڻ نه ڇڏي.ذريعن موجب آخري اليڪشن کان اڳ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو حيدرآباد بائي پاس تي جلسو ڪرڻ پهتي ته جلسي ۾ دير سبب پورو ڪلاڪ بشير ميمڻ واري سي اين جي اسٽيشن آفيس ۾ ويٺي رهي جتي بشير ميمڻ کيس بامبي بيڪري جا ڪيڪ ته اندر موڪليا پر پاڻ سندس سامهون نه آيو.
بشير ميمڻ جڏهن ڄامشوري ۾ پنهنجي ڪاروبار خاطر سي اين جي پئي لڳائي تڏهن پيپلزپارٽي جي ملڪ اسد سڪندر کيس تمام ڏکيا ڏينهن ڏيکاريا ۽ تنگ ڪيو.سٺو پوليس آفيسر ه.ڻ جي باوجود سندس پوري ڪيرئير ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻن ايترو تنگ ڪيو جو هو سنڌ بدر ٿي اسلام آٻاد هليو هليو ويو ۽ وڏو عرصو اسلام آباد ۾ نوڪري ڪيائين.
هاڻي جڏهن پيپلزپارٽي جا اڳواڻ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۾ ڦاسي رهيا آهن ته هو کلي طرح چئي رهيا آهن ته نيب ۾ ويٺل منگي ۽ ايف آئي اي ۾ ويٺل بشير ميمڻ کين ڄاڻي واڻي تنگ ڪري رهيا آهن....

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter