02/18/2019
ويب ڊيسڪ
والريل ڪشمير جي پلوامه واري علائقي ۾ ٿيل حملي کانپوء پاڪستاني عورتن جي هڪ گروپ سوشل ميڊيا تي اهو ٽرينڊ شروع ڪيو ۽ ان حملي جي مذمت ڪئي.
پلوامه حملي بعد جڏهن ٻنهي ملڪن ۾ جنگي جنون زورن تي هيو ان وقت اهو ٽرينڊ پاڪستاني صحافي ۽ سماجي ڪارڪن سحر مرزا شروع ڪيو.
هن پنهنجي هٿ ۾ هڪ بئنر کينو جنهن تي لکيل هو ته مان پاڪستاني آهيان ۽ مان پلوامه ۾ دهشتگردي واري حملي جي مذمت ڪريان ٿي.جنهن کانپوء ٻين عورتن به پنهنجي هٿن ۾ ان قسم جا بينر کڻي فوٽو ڪڍي سوشل ميڊيا تي رکيا.
سحر مرزا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي جنگ جهڙي صورتحال سندس لئه پريشان ڪن آهي.هن چيو ته اسان ڏسي سگهون ٿا ته ڀارتي ماڻهون غصي ۾ ۽ تڪليف ۾ هئا ۽ سخت ردعمل سامهون اچي رهيا هئا.
هن چيو ته غم غصي ۽ ڪاوڙ ۾ ڪنهن نه ڪنهنکي مرهم رکڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ اهو ڪم محبت ۽ گرمجوشي سان ئي ڪري سگهجي ٿو.