سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

پلواما حملي وقت ڀارتي وزيراعظم مودي فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف هو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/18/2019


ويب ڊيسڪ
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي والاريل ڪشمير جي علائقي پلواما ۾ خودڪش حملي وقت هڪ ڊاڪيومنٽري فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف هو ۽ پلواما حملي کانپوء به هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان نيشنل پارڪ ۾ موجود هو جتي ڊاڪيومينٽري فلم جي شوٽنگ ٿي رهي هئي.
اهڙي ڳالهه ڀارتي اپوزيشن پارٽي ڪانگريس جي سينئر اڳواڻن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪئي آهي ۽ هنن اهي فوٽو به ميڊيا سامهون آندا آهن جن ۾ مودي کي ٻيلي ۾ فلم جي شوٽنگ ڪندي ۽ ڍنڍ تي بوٽنگ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
ڪانگريس پارٽي چيو آهي ته نريندڙ مودي جون ترجيحات اهي آهن جو کيس پلواما جي سپاهين کان وڌيڪ پنهنجي اقتداري جي ۽ شهرت جي بک پياري آهي.واضع رهي ته والاريل ڪشمير ۾ 14 فيبروري تي ٿيل خودڪش حملي ۾ 40 ڀارتي سپاهي مارجي ويا هئا.ان حملي جي ذميواري جيش محمد قبول ڪئي هئي.
ڪانگريس پارٽي چيو آهي ته جڏهن سمورو ملڪ سپاهين جي غم ۾ ورتل هو ان وقت وزيراعظم مودي ڪاربٽ نيشنل پارڪ ۾ ڊسڪوري چينل جي ڊاڪيومنٽري فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف هو ۽ بوٽنگ ڪندي واڳون ڏسڻ جا نظارا ڪري رهيو هو.هو ساڍي ڇهين وڳي تائين فلم شوٽنگ ۾ مصروف هو ۽ پوڻين ستين وڳي چانهن سمبوسا نوش فرمائي رهيو هو.
ڀارتي ڪانگريس چيو آهي ته اهو اڃان وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهي ته مودي پلواما جي سپاهين جي غم ۾ ڪنهن سرڪاري سوڳ جو اعلان نه ڪيو ۽ سرڪاري خرچن تي اليڪشن مهم هلائيندي افتتاح ڪندو رهيو.ٻيو ته ڇڏيو پر پلواما جي سپاهين کي خراج پيش ڪرڻ لئه پڻ هو دهلي ائرپورٽ تي ڪلاڪ دير سان پهتو ڇو ته هو ان ڏينهن به جهانسي ۾ پنهنجي سياسي جلسي ۾ مصروف هو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter