سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

تون مونکي غلام ڪيئن بڻائي ڇڏيو ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/27/2019

عائشه حسن ڌاريجو

مان ڪٿي به هجان سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هجان ,خوبصورت هجان ,عقل واريون ڳالهيون ڪيان ,غلط  ۽ صحيح کي سمجهڻ جي سگه رکان ,ماڻھن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهايان ,وڏا وڏا ٽھڪ ڏيان ,مردن جي سامهون ڳالهائڻ جي همت ڪيان ,پنهنجي متعلق فيصلي ۾ اظهار ڪيان ,گهر ۾ صاف سٿري رهان سهڻا چنچل رنگ اوڍيان ,اکين ۾ سرمو وجهان ,پنهنجي وارن کي سنواريان ,پنهنجي منهن ڳالهيون ڪيان ,غيرتمند هجان,هڪ فرد هجڻ جي قوت رکان پر تنهنجي اڳيان قابل قبول ناهيان,ڇو جو توکي مان اصل کان هيڻي, ڪمزور,نماڻي ,بي زبان, بي همت ,ديوارن ۾ قيد ,ريتن رسمن ۾ جڪڙيل ئي پسند آهيان.
 
  تنهنجو وير مون سان اصل جو آهي جنم جنم جو آهي الائي ڪيئن تون ايترو برتر ٿي وئين ۽ مان هيڻين جو تون مونکي غلام بڻائي ڇڏيو ,رب تعالا توکي ٻاهرين دنيا ۾ محنت ڪندڙ بڻايو ۽ مونکي گهريلو دنيا۾  پر تون ته ٻنهي جاين کي پنهنجو بادشاهي تخت بڻائي ڇڏيو ۽ مونکي بڻائي ڇڏيو تون محڪوم جيڪو مالڪ جي حڪم مڃڻ جو پابند هوندو آهي ,سو ان آڙاه کي مون پنهنجو نصيب سمجهي  صبر شڪر سان راضي رهيس ,پر هڪ ڳاله ته ڀلجي ويس جو تون مونکي راضي رهڻ لاء پنهنجي ٺھيل هڪ قيد ۾ رکيو ,جيڪو بظاهر ته حسين هيو پر ان ۾ منهنجو هر وقت دم گهٽجندو هو  ,الائجي ڇو تنهنجي هن ڪوٽ ۾ حويلي ۾ مان پاڻ کي اوپرو محسوس ڪندي آهيان ,جڏھن تنهنجي گهرج هوندي آهي, تون دوستن ۽ شوق شڪار ۾ محوو هوندو آهين ۽ جڏھن توکي منهنجي ضرورت محسوس ٿيندي آهي ته مان ٻانهي وانگر حاظر هوندي آهيان تنهنجي اڳيان,بنا ڪنهن احتجاج جي, الائجي ڇو,الائجي ڇو تون منهنجا گهٽيل سڏڪا ڪو نه ٻڌا آهن ,منهنجي نيڻن جون ڳوڙهن سان ڀريل  قطارون  ڪونه ڏٺيون آهن پر ڏسندي به ڪيئن ,تون وٽ مونتي ضايع ڪرڻ جو وقت ڪٿي ,وقت جيڪو مون وٽ گذرندو ڪونهي ۽ تون وٽ بيهندو ڪونهي ...

امان چوندي آهي مان ننڍي ۾ بابا جي لاڏلي هيس پر اڪثر سوچيندي آهيان ته هتي لاڏلين سان اهيو سلوڪ ٿو ٿئي ته سنڌ جي عام عورت جي ڪهڙي حالت هوندي ,سس اٿندي ويهندي مهڻا ڏيندي آهي شڪر ڪر الله جو وڏيري جي ڌيء ۽ وڏيري جي ننهن آهين ,ماڻھو سڪندا آهن اهڙن محلاتن ڪاڻ ,مان چوندي آهيان ها امان جيجي ,نصيبن واري آهيان مان ,جو اڃان تائين هي ظلم برداشت ڪيون ٿي گهمان جيئري جاڳندي ويٺي آهيان ٻه پهاجون آهن وڏيون امڙ جيڏيون, پاڻ جيڏي ماٽيلي اولاد آهي پوء پاڻ کي ڀاڳن وارو ڇو نه سمجهان , خان جي دل واري زال آهيان,مان زور سان ٽھڪ ڏيڻ لڳيس, تڏھن ته خان  مهينا ,مهينا شهر جي رنڊين جي ڪڇ ۾ ستو پيو هوندو آهي ,سس کي باه وڪوڙي ويندي آهي ,غصي مان چوندي آهي اچي خان ته نڙي تي لت ڏيئي اهيو ڪاڪڙو ئي بند ڪرائي ڇڏيان ٿي,پر فرق ڇا پوندو ,سنڌ ۾ الائجي ڪيترين عورتن جا ڳلا ڪٽيا ويا آهن ,سندن آواز گهٽيا ويا آهن منهنجو گهٽيو ته ڇا ٿيو ,مان به انهي پنڌ جي پانڌيئڙي آهيان جيڪو هن سماج ,هن ماحول مونکي عطا ڪيو آهي ,ٻئي ڳالهه ته وسري وئي, مان پڙھيل لکيل به آهيان بي اي ڪئي آهي اهو به ريگيولر ,انهن ڏينهن ۾ خان جي دل مونتي اچي وئي ۽ ان ضد ڪيو ته ڪوثر ئي منهنجي زال ٿيندي ,منهنجي امان ته خوشي مان ماپي ئي نه پئي ,پڇڻ جو حق به کسي ورتائون ۽ آء رضا ۾ راضي ٿي ويس ,ٻڪري جو هيس ,ڪن کان ڇڪي سيج تي ويهاري ڇڏيائون ,بابا وارا پاڻ ۾ مائٽ ھئا ان لاء ,انهن وٽ عمرين,مزاجن ,پسند ناپسن جو ڪو به فرق هيو ئي نه ۽ مان اڄ هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيء جي ماء آهيان ۽ سوچي ,سوچي لڙھي رهي آهيان ته ٻاجهارا رب منهنجي شفقه جو اهڙو نصيب نه ڪجاء جهڙو منهنجو هيو پر دعائن سان ڪم نه هلندو ,مونکي پاڻ ھمت ڪرڻي پوندي پنهنجي لاء جيڪو نه ڪري سگهيس ,اهو ڌيء سان ٿيڻ نه ڏينديس ,ڀلي مسئلا وڌن ,پيرا کڄن , مارڻ جا سانباه ڪيا وڃن پر مان پنهنجي اولاد جي حق لاء ضرور وڙھنديس ,مرڻ قبول ڪنديس پر پوئتي نه هٺنديس ,نيٺ ته ڪو ڏيئو ٻرندو جنهن جي روشني ۾ مان شفقه جو آئيندو ڏسنديس ,منهنجي استاد ميڊم فردوس چوندي هئي ,رات ڪيتري به ڪاري ڇو نه هجي صبح جي روشني ان جو سينو ڦاڙي ايندي ۽ ان وقت هوائن ۾ هڳاء هوندو ,گل ٽڙيل هوندا ۽ اميد آهي ته اسان اها صبح ضرور ڏسنداسين.....

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter