سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

اسرائيل جو انڊيا پاڪستان تڪرار وڌائڻ ۾ ڪيترو ڪردار آهي..؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/28/2019


رابرٽ فسڪ
جڏهن مون اها خبر پهريون ڀيرو ٻڌي ته مون سمجهيو اهو غزا تي اسرائيلي جو هوائي حملو آهي يا شام تي حملو آهي.دهشتگردن جي ڪئمپ مٿان هوائي حملو، اهي پهريان لفظ هئا بعد ۾ ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر تباهه ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا ، فوج پنهنجي مٿان ڪيل حملي جي جوابي ڪاروائي ڪري رهي هئي، اهو اسانکي خبرن م ٻڌيو ويو.
اسلامسٽ جهادي ڪئمپ تباهه ڪئي وئي آهي ، اهو به ٻڌايو ويو پر جڏهن بالاڪوت جو نالو آيو ته مون سوچيو اهو ته غزا جو علائقو ناهي نه ئي شام ۾ آهي نه ئي لبنان ۾ پر پاڪستان ۾ آهي.عجيب ڳالهه ٿي وئي ڪو ماڻهون انڊيا ۽ اسرائيل کي گڏوچڙ ڪيئن ٿو ڪري سگهي..؟
هلو ڀلا اهو خيال آيو ئي آهي ته ان کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي، توهانکي خبر هوندي ته تل ابيب ۾ قائم اسرائيل جي وزارت دفاع دهلي ۾ قائم انڊيا جي وزارت دفاع کان ٻه هزار پنجويهه سئو ڪلوميٽر پري آهي. پر اهي ٻئي اگر هڪٻئي جو روپ لڳن ته ان جو ڪو ته سبب هوندو..
مهينن کان اسرائيلي حڪومت  انڊيا جي ساڄي ڌر واري بي جي پي حڪومت سان اڻ اعلانيل اسلام مخالف اتحاد قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳي پئي هئي.جنهنجو ڪٿي به ڪو ذڪر نه ڪيو وي نه ئي ڪنهن ان جي ڀڻڪ ٻاهر ڪڍي.جڏهن ته انڊيا هاڻي اسرائيلي هٿيارن جي واپار جي وڏي مارڪيٽ بڻجي پيو آهي.
اسرائيل انڊيا وچم اهو ڪو اتفاقي اتحاد نايه تنهنڪري هاني جڏهن جيش محمد ڪئمپ تي حملو ٿيو ته انڊين ميڊيا اهو به لکيو ان حملي ۾ اسرائيل جا تيار ڪيل رافيل  اسپائس 200 وارا بم استعمال ڪيا ويا.
انڊيا 20117 ۾ اسرائيلي هٿيارن جو وڏي ۾ وڏو خريدار هو جنهن اسرائيل کي 530 ملين برطانوي پائونڊ ادا ڪيا ۽ ان جي عيوض ريڊار سسٽم ۽ بارود ورتو جنهن ۾ هوا کي زمين تي مار ڪندڙ اهي ميزائيل به شامل هئا جن تي اسرائيل فلسطينين مٿان ۽ شام ۾ ٽارگيٽس تي فائر ڪري  تجربا ڪيا هئا.
اسرائيل ته هاڻي پاڻ وضاحت ڪري چڪو آهي ته ڪيئن نه انهن ميانمار جي ڊڪٽيٽرشپ کي ٽئنڪ، هٿيار ۽ ٻيڙيون ڏنيون ته اهي مسلم اقليت روهينگا کي تباهه ڪن.ميانمار کي ته اسرائيل تڏهن به ٿيار ڏنا جڏهن ان مٿان مغربي ملڪن پابنديون لڳايون هيون پر انڊيا سان ته اسرائيل جو قانوني دفاعي ڪاروبار آهي جنهنجي ٻئي ملڪ پرچار به ڪندا رهيا آهن.
اسرائيل ته پنهنجي ڪمانڊو يونٽس ۾ انڊيا سان گڏيل فوجي مشقون به ريڪارڊ ڪري ڏيکاريون آهن جيڪي نجيو صحرا ۾ ٿيون.انڊيا جي 45 فوجين واري قافلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 گارڊ ڪمانڊو به شامل هئا جيڪي اسرائيل جي نيواٽم ۽ پاماچم ائربيسز ۾ ترسيا هئا.
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو گذريل سال جڏهن پهريون ڀيرو انڊيا جي ودري تي آيو ته هن پنهنجي تقرير ۾ 2008 وارن ممبئي حملن جو به ذڪر ڪيو جيڪي اسلامسٽن ڪيا هئا جنهن ۾ 170 ماڻهون مارجي ويا هئا.ان وقت هن چيو هو ته اسرائيل ۽ انڊيا کي دهشتگرد حملن جي درد کي خوب ڄاڻين ٿا.اسان ممبئي حملن واري خوفناڪ سفاڪي ڏٺي، اسان ڏند ڀيڪوڙي انهن جو مقابلو ڪيو ۽ ميدان نه ڇڏيو.اهي لفظ ٻڌي ائين پئي لڳو ته اسرائيلي وزيراعظم نه پر ڪو بي جي پي اڳواڻ پيو تقرير ڪري. خود انڊين وزيراعظم نريندر مودي پڻ اسرائيل جو دورو ڪري چڪو آهي.
انڊيا جي ڪيترن ئي تجزيه نگارن خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل جي ساڄي ڌر واري صيهونيت ۽ انڊيا جي ساڄي ڌر واري قومپرستي ٻنهي ملڪن وچم تعلقاتن جو بنياد نه بڻجي.
ان ڏس ۾ برسلز جي محقق شيري ملهوترا لکيو آهي ته انڊيا ۾ دنيا جي ٽين وڏي مسلم آبادي رهي ٿي جيڪا 180 ملين جي لڳ ڀڳ آهي.اها مسلم آبادي انڊونيشيا ۽ پاڪستان کانپوء ٽئين نمبر تي آهي.انڊيا اسرائيل تعلقاتن کي فطري طور ٻنهي ملڪن جي حڪمران پارٽين يعني بي جي پي ۽ اسرائيل جي لڪڊ پارٽي جي پسمنظر ۾ به ڏٺو وڃي ٿو.
هندو قومپرستن اهو بيانيه جوڙي ورتو آهي ته مسلمانن تاريخي طور هندن سان وڏا ظلم ڪيا آهن.اهو بيانيه انهن هندن لئه پرڪشش آهي جيڪي ورهاڱي کي ياد ڪري پاڪستان سان لاڳاتار خراب تعلقاتن کي ڏسن ٿا.
ملهوترا اسرائيلي اخبار هارٽز ۾ لکيو آهي ته انڊيا ۾ اسرائيل جا مداح اهي انٽرنيٽ هندو آهن جيڪي ڏسن ٿا ته اسرائيل ڪيئن مسلمان ويڙهاڪن سان نبيريو آهي پر انهن کي اهي حقيقتون نظر نٿيون اچمن ته 2016 جي آخر تائين انڊيا مان صرف 23 ماڻهون داعش سان گڏجي وڙهڻ لئه عرب ملڪن ڏانهن ويا هئا پر بئلجيم جتي مسلم آبادي صرف اڌ ملين آهي اتان 500 ويڙهاڪ داعش ڏانهن ويا هئا.
ملهوترا چئي انهن تجزيه نگارن جي راء کي به رد ڪري ٿي ته ڪو آمريڪا، سرائيل ۽ انڊيا وچم نظرياتي اتحاد ٿئي ڇو ته ٽئي ملڪ اسلامسٽن جي دهشتگرد حملن جو شڪار ٿيا آهن.ملهوترا موجب انڊيا اسرائيل جي تعلقات روشن خيالي جي بنياد تي هجڻ گهرجن نطرياتي سطح تي نه هجڻ گهرجن.
پر اهو مشڪل ٿو نظر اچي ته ٻنهي ملڪن جا تعلقات نظرياتي بنيادن تي نه جڙن ڇو ته اسرائيل اڳم ئي انڊيا کي تمام گهڻا هٿيار فراهم ڪري چڪو آهي.جن مان تازا هٿيار ته انهن پاڪستاني سرحدن اندر استعمال به ڪيا آهن.انڊيا سان سرائيل جا سفارتي تعلقات به پراڻا يعني 1992 کان هلندڙ آهن.
ٻنهي ملڪن وچم دهشتگردي خلاف جنگ يا اسلامي دهشتگردي خلاف جنگ وارو ٺاهه فطري ٿو لڳي ڇو ته ٻئي ملڪ پنهنجي مسلمان پاڙيسرين مان بيزار آهن.
ٻنهي ملڪن وچم هڪ ٻي هڪجهڙائي اها به آهي ته ٻنهي کي پرائي زمين تي پنهنجو حق جتائڻ يا قبضو ڪرڻ جو شوق آهي.ٽنهي ملڪن يعني انڊيا اسرائيل ۽ پاڪستان وت ائٽمي هٿيار به آهن.
( دي انٽپينڊنٽ جي ٿورن سان )

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter