سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

اسامه بن لادن جو پٽ : آمريڪا انعام رکيو سعودي عرب شهريت کسي ورتي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/28/2019

ويب ڊيسڪ
القاعده جي اڳوڻي سربراهه اسامه بن لادن جي هڪ پٽ حمزه بن لادن جا ڏکيا ڏينهن شروع ٿي ويا آهن.آمريڪا حمزه بن لادن کي القاعده  جو اهم اڳواڻ قرار ڏيندي مٿس هڪ ملين ڊالر جو انعام رکيو آهي.اهو انعام ان شخص کي ڏنو ويندو جيڪو حمزه جي سڃاڻپ ڪري سندس لڪڻ واري ملڪ جو ڏس پتو ڏيندو.
آمريڪا بهادر جي ان اعلان کان ترت پوء سعودي عرب جي وزارت داخله جو اعلان سامهون آيو آهي ته حمزه بن لادن جي سعودي شهريت ختم ڪئي وئي آهي.اهڙو نوٽيس سعودي عرب جي سرڪاري گزيٽ تي جمع ڏينهن جاري ڪيو ويو آهي.
حمزه بن لادن جو ڏس پتو اڃان تائين ڪنهنکي معلوم نه ٿي سگهيو آهي.سمورا ملڪ صرف اهي انومان اندازا لڳائي رهيا آهن ته حمزه بن لادن افغانستان،ايران يا پاڪستان ۾ ٿي سگهي ٿو.
سعودي عرب ڄائو حمزه ٽيهن سالن جي عمر ۾ ٻڌايو وڃي ٿو جنهن جو نالو آمريڪا پاران جنوري 2017 ۾ عالمي دهشتگردن جي تيار ڪيل خصوصي فهرست ۾ شامل ڪيو هو.
حمزه بن لادن بابت آمريڪا کي خدشو آهي ته هن پنهنجي ڪارڪنن ڏانهن آڊيو ۽ وڊيو پيعام جاري ڪيا آهن جن ۾ آمريڪا مٿان حملا ڪرڻ جو چيل آهي.حمزه القاعده جي ان  ميمبر محمد عطا جي نياڻي سان شادي ڪئي آهي جنهن آمريڪا مٿان جهازن سان حملي واري واقعي نائن اليون ۾ حصو ورتو هو.
آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته کين اسامه بن لادن جي قبضي مان اهڙا ڪاغذ به مليا آهن جن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسامه پنهنجي پت حمزه کي سندس پوزيشن سنڀالڻ لئه تيار ڪري رهيو هو.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter