سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

بحريا ٽائون اهي پلاٽ به وڪرو ڪيا جيڪي سندن ملڪيت نه هئا : عدالت ۾ پيش ڪيل ريڪارڊ


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

03/01/2019

ويب ڊيسڪ
سپريم ڪورٽ ان اڳلهه تي حيرانگي جو اظهار ڪيو آهي ته بحريا ٽائون جي قانوني ڊيلرن اهي پلاٽ ڪيئن وڪرو ڪيا جيڪي سندن ملڪيت نه هئا يا اهي ملير ڊولپمينٽ کي واپس ڪيا ويا هئا.سپريم ڪورت ۾ ان  ڪيس جي ٻڌڻي  خميس ڏينهن اسلام آباد ۾  ٿي گذري.
ان ڪيس جي ٻڌڻي ته رڪني بئنچ ڪئي جنهنجي سربراهي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس شيخ عظمت سعيد ڪئي.عدالت ۾ پرزم مارڪيٽنگ ڪمپني پاران پيش ڪيل ريڪارڊ موجب اهي پلاٽ به ڪجهه پرسنٽيج تي وڪرو ڪيا ويا هئا جيڪي بحريا تائون جي ملڪيت نه هئا يا انهن ملير ڊولپمنت کي واپس ڪري ڇڏيا هئا.
ان کان اڳ عدالت بحريا تائون جي بااختيار مارڪيٽنگ ڊيلرن ٽرائي اسٽار، پرزم مارڪيٽنگ ۽ ڪاسموس ڪمپني کي حڪم ڪيو هو ته اهي پنهنجي ڊيٽا پهرئين ڏينهن کان ٺاهي پيش ڪن جنهن ڏينهن ملير وارو پراجيڪٽ شروع ٿيو هو.
واضع رهي ته سنڌ حڪومت ملير ڊولپمنت اٿارٽي کي زمين الاٽ ڪئي هئي ته ضرورتمند ماڻهن لئه سستن پلاٽن واري اسڪيم شروع ڪري جيڪا ملير ڊولپمنت اورن بحريا ٽائون سان سودو ڪري تبديل ڪئي ۽ بحريا ٽائون پنهنجي الڳ اسڪيم جاري ڪئي.
بحريا ٽائون جي قبضي ۾ هن وقت 1689 ايڪڙ زمين آهي جڏهن ته بحريا وارن 7675 ايڪڙ زمين ملير ڊولپمنت کي عدالتي حڪم بعد واپس ڪئي آهي.
عدالتي ريمارڪس موجب ججن بحريا ٽائون جي مارڪيٽنگ وارين ڪمپنين جي وڪيلن کي چيو ته اهي عدالت جو وقت ضايع ڪري رهيا آهن.وٽن اهي نقشا ئي ناهن جن تحت اهي دليل ڏئي سگهن مّبوط بنيادن بغير واريءَ تي پير ڪيئن کوڙي سگهندا.
عدالت ان ڪيس جي ٻڌڻي 6  مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter