02/27/2019
ويب ڊيسڪ
مشهور يورولاجسٽ ڊاڪٽر اديب رضوي کي برطانوي يورولاجسٽ سرجنز جي تنظيم جي اعزازي ميمبرشپ ڏني وئي آهي.اها ميمبرشپ برٽش ايسوسيئشن آف يورولاجيڪل سرجنز پاران ڪراچي ۾ هڪ تقريب دوران ڏني وئي.
اها تقريب سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي يعني ايس آئي يو ٽي ۾ منعقد ڪئي ويئ جتي برطانوي ڊاڪترن جي نمائندي ڊاڪتر آصف منير ان اعزازي ميمبرشپ جو سرٽيفڪيٽ ڊاڪٽر اديب رضوي حوالي ڪيو.
واضع رهي ته ايس آئي يو ٽي جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اديب رضوي واحد پاڪستاني ڊاڪٽر آهي جنهنکي برطانوي يورالوجسٽ سرجنز جي ان جماعت جو اعزازي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.
ان موقعي تي ايس آئي يو ٽي جي آڊيٽوريم ۾ مرداڻي بانجهه پن ۾ سرجري جي ڪردار تي ليڪچر پڻ ڪيو ويو.