سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

مائيڪل جيڪسن پاران ننڍن ٻارن سان جنسي زيادتي بابت ڊاڪيومينٽري تي تڪرار


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

03/02/2019


لاهوت ويب ڊيسڪ
دنيا جي مقبول ترين پاپ اسٽار مائيڪل جيڪسن پاران پنهنجي عروج وارن ڏينهن ۾ ننڍن ٻارن سان جنسي زيادتي ڪرڻ بابت هڪ ڊاڪيومينٽري تيار ڪئي وئي آهي.جيڪا ايڇ بي او چينل تي ڏيکاري ويندي.ان ڊاڪيومينٽري ۾  گهڻو تڻو انهن ٻن نوجوانن ۽ سندن رشتيدارن جا تفصيلي انٽرويوز ڏنا ويا آهن جن مائيڪل جيڪسن سان ننڍي عمر ۾ سندس فارم هائوس تي گڏ گذاريو.
مائيڪل جيڪسن جي ڪئليفورنيا واري فارم هائوس يا رانچ جو نالو نيور لينڊ آهي جنهنڪري ان ڊاڪيومنٽري جو ٽائيٽل پڻ ليونگ نيورلينڊ رکيو ويو آهي..ان ڊاڪيومينٽري ۾ 36 سالن جي ويڊ رابسن ۽ 46 سالن جي جيمس سيفچڪ جا انٽرويوز ڏنا ويا آهن جنهن ۾ هو ٻڌائين ٿا ته جڏهن هو ستن ۽ يارنهن سالن جي عمرين جا هئا ته ڪيئن نه مائيڪل جئڪسن مهينن جا مهينا  انهن سان جنسي زيادتي ڪندو رهيو..
ان ڊاڪيومينٽري ۾ لڳايل الزامن کي مائيڪل جيڪسن جي فيملي رد ڪري ڇڏيو آهي.مائيڪل جي ڀاء ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته انهن ماڻهن پئسن جي لالچ ۾ اچي مائيڪل جي مرڻ بعد ڪوڙا الزام لڳايا آهن.اسان ايڇ بي او ٽي وي چينل خلاف پڻ عدالت ۾ وينداسين..اگر انهن جي الزامن ۾ ڪا صداقت يا سچائي هجي ها ته مائيڪل جيڪسن جي زندگي ۾ مٿس جڏهن ٻين  ڇوڪرن سان جنسي زيادتي ڪرڻ جا الزام لڳا هئا ته انهن مان ئي هڪ نوجوان عدالت ۾ وڃي گواهي ڏني هئي ته مائيڪل اهڙي قسم جو ماڻهون ناهي.پر هاڻي ساڳيو نوجوان مائيڪل مٿان الزام پيو لڳائي..
مائيڪل جي ڀاءُ جي الزامن جي جواب ۾ رابسن چيو آهي ته ان وقت هو مائيڪل جو مداح هيو ۽ مائيڪل جو سچو سپاهي هو کيس ڪا خبر نه پوندي هئي.تنهنڪري هن عدالت ۾ ڪوڙي گواهي ڏني هئي ته جيئن مائيڪل بچي سگهي.
مائيڪل جيڪسن ٻنهي نوجوان ڇوڪرن کي ڪئليفورنيا ۾ پنهنجي فارم هائوس نيور لينڊ تي گڏ رهائيندو هو.انهن پنهنجي انٽرويوز ۾ ٻڌايو آهي ته ڪيئن نه مائيڪل جيڪسن کين مٺ هڻڻ سيکاري ۽ سندن سٿرن تي هٿ گهمائيندو هو.ڪڏهن ڪڏهن هو مائيڪل سان گڏ وهنجندا به هئا جنهنجي گواهي مائيڪل جي گهر ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ماسي پڻ عدالت ۾ ڏني آهي.
مائيڪل جيڪسن جي جنسي زيادتين بابت ان ڊاڪيومنيٽري سبب انٽرٽينمينٽ جي دنيا ۾ هڪ تڪرار اٿي کڙو ٿيو آهي ته ڇا ان طرح جي ڊاڪيومينٽري تياري ڪري  مائيڪل جيڪسن جي پاپ اسٽار يا ڪنگ واري حيثيت ختم ڪرڻ يا مرڻ بعد سندس ڪردار ڪشي واري مهم هلائي کيس تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ته ناهي.؟

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter