سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سنڌ جي ٻارڙن ۾ ايڊز جي موتمار بيماري ڪيئن ٿي ڦهلجي..؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

03/01/2019

فياض چنا
ڪراچي سول اسپتال ۾ پنهنجي معمول واري نوڪري دوران  پرچي ڪائونٽر تي پرچي ٺاھي رھيو ھيس تہ ايتري ۾ ھڪ سنڌي عورت پنھنجي چئن سلان جي ننڍڙي ڇوڪريءَ لاءِ پرچي وٺڻ آئي.
.
پڇيو مانس تہ ڪھڙي ڊپارٽمينٽ ۾ ٻار جو چيڪ اپ ڪرائيندا. تہ ھن چيو تہ ايڊز واري وارڊ ۾ ،اھو ٻڌي مان تمام گھڻو پريشان ٿي ويس، پرچي ٺاهڻ وارو ڪم ڪجهه لمحن لئه بند ڪري  وري پڇيم تہ ڇا ھن جي ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي  مان ڪنھن کي اھا بيماري آھي ڇا؟ چيائين نہ اسان ٻنهي  پنھجون مڪمل ٽيسٽون ڪرايون آھن. اسان جون رپورٽون صاف آيون آھن. مونکي سندس ڳالهه ٻڌي حيرانگي ٿي ۽ تجسس مان پڇيومانس ڪٿان جا آهيو ته  ان کان پوءِ ھن ٻڌايو تہ لاڙڪاڻي جا آھيون اتي جي پرائيويٽ ڊاڪٽرن ۽ عطائي ڊاڪٽرن کان دوائون وٺندا ھئاسين اهي ڊاڪٽر انجيڪشنون وڌيڪ هڻندا هئا تنهنڪري انديشو آهي ته ڪا استعمال ٿيل سرنج يعني  انجيڪشن لڳڻ جي ڪري ھيءَ ننڍڙي چئين سالن جي بختاور ايڊز جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي آهي.
مون کيس پرچي ته ٺاهي ڏني پر پنهنجي ڊيسڪ جي سامهون جوس پيئندڙ گلن جهڙي معصوم بختاور کي ڏسندو رهيس ۽ اهو سوچيندو رهيس ته ڇا مسيحائي پيشي وارن ۾ به ڪا انسانيت يا پروفيشنل اخلاقيات باقي آهي ؟
.
اسان ڪھڙي  نه بيحس معاشري ۾ جي رھيا آھيون جتي اسان جي سنڌ جي گلڙن جھڙن ٻارڙن کي
ڊا ڪٽرن ۽ انھن جي ڪمپائونڊرن جي غفلت جي ڪري اھڙيون موتمار  بيماريون چنبڙي  رھيون آھن جيڪي لا اعلاج آھن ۽ اهي جڏهن بختاور جهڙين پوپرين کي لڳن ته انهن جو ڪو ڏوهه به نه هجي.ايڊز لئه عام طور مشهور آهي ته اها جنسي بي راهه روي سبب ڦهلجي ٿي پر هتي سنڌ ۾ اها موتمار بيماري استعمال ٿيل سرنج يا انجيڪشن ذريعي ڦهلجي رهي آهي نه ته هن گلن جهڙي معصوم ٻارڙي جو ڪهڙو ڏوهه....
خدارا عطائي ڊاڪٽرن ۽ پئسن جي لالچي ڊاڪٽرن جو ڀروسو نه ڪريو پنهنجي ٻارڙن کي انيجڪشن هرگز نه هڻايو اگر ضروري هجي ته ڏسي وائسي ڪا صاف سٿري انجيڪشن لڳرايو..

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter