سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

پي ايس ايل جون باقي سموريون ميچون ڪراچي ۾ ٿينديون


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/28/2019


ويب ڊيسڪ
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي پڌرائي موجب پي ايس ايل جون باقي سموريون ميچون لاهور بدران ڪراچي ۾ ٿينديون.اهي ميچون نيشنل اسيٽيذڊيم ڪراچي ۾ 9 کان 17 مارچ تائين کيڏيون وينديون.
پي سي بي موجب لاهور جون ائراسپيس دير سان کلڻ سبب انهن کي پي ايس ايل ميچن سان لاڳاپيل سامان لاهور پهچائن ۾ دير ٿي جنهن ۾ پراڊڪشن جو ساممان، پراڊڪشن عملو، ٽيم ۽ پي سي بي آفيسرن جا گهربل ضرورتن وارا سامان پهچائڻ ۾ دير ٿي جنهنڪري هاڻي ميچون ڪراچي ۾ ٿينديون.
پاڪستان ليگ جون سموريون اٺ ميچون نائين کان سترهين مارچ تائين نيشنل اسيٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيون وينديون.
پي سي بي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته سمورين فرينچائيزن کي اعتماد ۾ وٺي فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ انهن پي سي بي جي فيصلي کي مان ڏنو آهي.هن چيو ته باقي سمورين ميچن ۾ پرڏيهي رانديگر به حصو وٺندا.
هن چيو ته تازي غير يقيني واري صورتحال سبب اسان لئه اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو هو ته پي سي بي هيڊڪوارٽرز کان باهر اهي ميچون ڪرايون پر ان ۾ پي سي بي جو ڪو ڏوهه ناهي حالتون اهڙيون غير يقيني واريون ٿي پيون.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter