سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

اڀينندن سان گڏ نظر ايندڙ ڊاڪٽر فريحه بگٽي ڪير آهي ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

03/02/2019

لاهوت ويب ڊيسڪ
پاڪستان پاران پڪڙيل انڊين ائرفورس آفيسر اڀيندن کي جڏهن واهگه اٽاري بارڊر وٽان آزاد ڪري ڀارت موڪليو پئي ويو ته ان وقت رينجرز جي دستي ۽ ٻين فوجي آفيسرن سان گڏ هڪ سول ڪپڙن ڪپڙن ۾ ملبوس عورت ساڻس گڏ هلي رهي هئي.ٻنهي ملڪن جي ٽي وي اسڪرينن تي هلندڙ وڊيوز ۾ نظر ايندڙ ان عورت ماڻهن جي ذهنن ۾ سوال اڀاريا ته آخر اها عورت ڪير آهي جيڪا گرفتار ڀارتي آفيسر کي بارڊر تائن ڇڏڻ وڃي رهي آهي.
ميڊيا ۾ آيل خبرن موجب اها عورت پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي هڪ قابل آفيسر ڊاڪٽر فريحا بگٽي آهي جيڪا پرڏيهي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ بلوچستان جي واحد خاتون آفيسر آهي.
ڊاڪٽر فريحا بگٽي ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي پر هن 2005 ۾ پاڪستان فارين سروسز کي جوائن ڪيو ۽ لاڳاتار محنت سبب ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ نمايان نظر اچڻ لڳي.
هن وقت ڊاڪٽر فريحا پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي انڊيا ڊيسڪ سنڀالي رهي آهي جنهنڪري انڊيا پاڪستان وچم اڀرندڙ مشڪل حالتن ۾ به هن پنهنجو ڪم سفارتي انداز سان بهتر ڪيو آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن وچم سخت ڇڪتاڻ وارو ماحول گهٽ ٿئي.
ڊاڪٽر فريحا بگٽي پاڪستاني پرڏيهي آفيس ۾ انڊين ڊيسڪ سان وابسته هجڻ ڪري ان کان اڳ به هڪ هائي پروفائيل ڪيس ڏٺو آهي.پاڪستان پاران گرفتار ڪيل ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن يادو واري ڪيس کي پڻ ڊاڪٽر فريحا ڏسي رهي آهي ۽ گذريل سال جڏهن ڪلڀوشن جي ماء ۽ زال ساڻس ملاقات ڪرڻ اسلام آباد آيون هيون ته ڊاڪتر فريحا بگٽي ڪلڀوشن سان گڏ هئي.
بلوچستان جي بگٽي عورت آفيسر جو انڊين ڊيسڪ تي اعلي درجي تي هجڻ هڪ علامتي اظهار پڻ آهي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter