سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

جوڳي جيڪس ويا جبروت : جاويد جو وڇوڙو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

03/02/2019

اعجاز منگي
اهو الميو آهي. اهو الميو آهي ته ان انسان جو انت ايترو پرتشدد ٿئي، جيڪو انسان پنهنجي آخري گهرائيءَ تائين امن جي علامت هو!
اهو الميو آهي. اهو الميو آهي ته اهو انسان ايتري جهالت هٿان قتل ڪيو وڃي، جيڪو انسان سراپا علم هو!!
اهو الميو آهي. اهو الميو آهي ته اهو انسان پنهنجي اوچتي قتل معرفت سنڌ ۾ سڃاتو وڃي، جيڪو انسان سموري زندگي لڄ جي پردي پويان لڪل رهيو!!!
سوشل ميڊيا تي ان جاويد ڀٽي جو ماتم ٿي رهيو آهي، جنهن کي ماڻهن ڄامشوري جي هوائن ۾ سگريٽ دکائيندي ڏٺو. جنهن کي ماڻهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فلسفي جا شاگرد پڙهائيندي ڏٺو. جن کي ماڻهن شاهه لطيف جي شاعريءَ تي وجوديت واري تصوف جي حوالي سان نئين انداز ۾ گفتگو ڪندي ٻڌو. پر اهو جاويد ڀٽو تمام گهٽ ماڻهن کي معلوم هو جيڪو نئين سنڌ جي دماغي دنيا جو هيرو هو. ان نوجوان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو مس سڃاڻين جيڪو نوجوان ستر جي ڏهاڪي دوران ڪوئيٽا جي سرد هوائن ۾ اوور ڪوٽ پهري پسار ڪندو هو. هن جي ڪاري ڪوٽ جي هڪ کيسي ۾ ووڊڪا جي پنٽ، ٻي کيسي ۾ البرٽ ڪاموءَ جو ڪتاب ۽ هن جي هٿ ۾ دکايل سگريٽ هوندو هو. شڪارپور جي ڀٽي مڊل ڪلاس ڀٽي خاندان جو اهو نوجوان جنهن کي سندس والد بولان ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ موڪليو ۽ هو ڊاڪٽر ٿيڻ بدران ننڍڙي وهيءَ ۾ دانشور ٿي ويو. هو نوجوانيءَ ۾ انگريزي ڪتابن جي عاشق طور سڃاتو ويو. هن جي خاندان جي تمام گهڻي خواهش هئي ته هو سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري ڪامورو بڻجي پر ڪو ڪامورو ته ڇا هن ٻين سال دوران ميڊيڪل جي تعليم به ڇڏي ڏني ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ فلسفو پڙهڻ لڳو. هي اهو دور هو، جڏهن فلاسافي ڊپارٽمينٽ ۾ صرف اهي شاگرد داخلا وٺندا هئا، جن کي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ داخلا نه ملندي هئي. ان دور ۾ ميڊيڪل ڪاليج ڇڏي فلاسافي پڙهڻ جو فيصلو ڪندڙ نوجوان بغاوت جي علامت طور سڃاتو ويندو هو.
جيتوڻيڪ هو منهنجي شهر جو هو پر منهنجي هن سان پهرين ملاقات ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ان ننڍڙي ڪمري ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ تمام گهڻا ڪتاب هوندا هئا. هن جا ڪتاب ڪنهن شيلف ۾ سينگاريل نه هوندا هئا. هن جا ڪتاب ان ٽيبل تي رکيل هوندا هئا، جنهن تي ڪامريڊ لينن جي هڪ ننڍڙي تصوير به رکيل هوندي هئي. مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مايوڪو وسڪي، پابلو نرودا، البرٽ ڪامو، محمود درويش، سارتر ۽ دوستو وسڪي توڙي چيخوف جا ڪتاب ان شخص وٽ ڏٺا، جنهن جي زندگيءَ جي ڪل مايا اهي ڪتاب هوندا هئا، جن ڪتابن سان هو نهايت خوش گذاريندو هو. جڏهن هن وٽ ماني کائڻ جيترا پئسا نه هوندا هئا. جڏهن هن وٽ چانهن پيئڻ جيترا پئسا نه هوندا هئا. جڏهن هن وٽ مني بس جي ڪرائي جيترا پئسا به نه هوندا هئا، تڏهن هو پنهنجي ڪمري تائين محدود ٿي ويندو هو ۽ پهرن جا پهر ڪتاب پڙهندو رهندو هو.
هو ان وقت ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سان واڳيل هوندو هو ۽ جنرل ضياءَ جي بدترين آمريت ۾ اها خبر صرف جاويد ڀٽي هوندي هئي ته سائڪلو اسٽائيل پمفليٽ ڪهڙي هنڌان شايع ڪرائي سگهبا هئا؟ هو ڪراچيءَ جي سوڙهين گهٽين ۾ گهڙي ويندو هو ۽ پنهنجي انداز سان مختصر لفظن ۾ ڪنهن دوڪاندار سان ڳالهائي نڪري ايندو هو ۽ شهر ۾ چڪر هڻي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ڦرهن واري ڇليءَ ۾ آگ اوڳاڇيندڙ پمفليٽ کڻي ان ڪامريڊ جي حوالي ڪندو هو، جنهن کي اهي پمفليٽ حيدرآباد، لاڙڪاڻي يا سکر پهچائڻا هوندا هئا. ڪميونسٽ پارٽيءَ کان اڳ هو رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ ۾ به رهيو ۽ عزيز ڪينجهرائي توڙي قاسم پٿر هن جا ويجها دوست ۽ ساٿي هوندا هئا. هي اهو دور هو، جنهن دور ۾ جاويد ڀٽو مائوازم جي اثر هيٺ هو پر هو ان اثر ۾ گهڻو وقت نه رهيو ۽ پيڪنگ کي پٺي ڏئي هن پنهنجو منهن ماسڪو طرف ڪيو هو.ان دور کان وٺي ڪچهرين ۽ بحثن جو ڪوڏيو هوندو هو. هن جي ڪمري ۾ صبح تائين مباحثا هلندا هئا. هن جو روم گهڻو ڪري ڀريل هوندو هو ۽ جڏهن ڪو به نه هوندو هو، تڏهن هو هوندو هو ۽ هن سان هن جا ڪتاب هوندا هئا. ڪتابن سان هن جو ساٿ هن جي سڀ کان وڏي سڃاڻ هوندو هو. هو هر قسم جا ڪتاب پڙهندو هو. جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد نه ٿيو هو ۽ جڏهن گوگل جو نالو ڪنهن جي ڪنن تي نه پيو هو. ان دور ۾ جاويد ڀٽو پنهنجي دوستن لاءِ ڪمپيوٽر به هوندو هو ۽ گوگل به هوندو هو. هو هر شيءَ جي باري ۾ نهايت دلچسبيءَ سان ڪهاڻي پيش ڪندو هو. هو هڪ قصا گو شخص هو. ماڻهن کي نه رڳو هن جي ڪچهري پسند هئي پر هو پاڻ پنهنجي ڪچهريءَ کي پسند ڪندڙ شخص هو. هو نه ڪنهن کي پاڻ کان وڌ سمجهڻ ڏيندو هو ۽ نه ڪنهن کي پاڻ کان گهٽ سمجهندو هو. هو هڪ فقير مزاج جو ماڻهو هو. هن جي طبيعت جي اها فقيري بلغاريا به بدلائي نه سگهيو.
بلغاريا جي شهر صوفيا جي وتوشا يونيورسٽيءَ ۾ جاويد ڀٽي ۽ منهنجي گڏ داخلا ٿي هئي. اسان ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پاران مارڪسزم پڙهڻ وڃي رهيا هئاسين. مان دل جي چوڻ تي ڪراچيءَ ۾ ترسي پيم ۽ هو دهليءَ کان ماسڪو ۽ ماسڪو کان بلغاريا هليو ويو ۽ جڏهن پنجن سالن کان پوءَ هو واپس موٽيو تڏهن سوشلسٽ دنيا سپني وانگر ٽٽي چڪي هئي. ورهين کان پوءِ اسان جي ملاقات ڄامشوري جي تيز هوا ۾ ٿي. هن جي هٿ ۾ فلاسافي جي  ڊگريءَ وارو فائيل هو. هن مون کي چيو ته مان وٽ هي آهي. تو وٽ ڇاهي؟ ان وقت مون جي هنج تي سارنگ هو. مون سارنگ طرف اشارو ڪري هن کي چيو ته مون وٽ هي آهي. ان کان پوءِ اسان ٽهڪن ۾ ويڙهجي وياسين. اسان ورهين کان پوءِ ملياسين ۽ اسان کي اهو احساس نه ٿيو ته اسان جي وچ ۾ وقت جي ايتري وٿي اچي وئي هئي.
اهائي ته هن جي خوبي هئي. هو سدائين وقت سان وڙهندو رهيو.هن ڪڏهن به وقت جي آڏو هار نه مڃي. هن ڪڏهن به وقت کي اها اجازت نه ڏني جو هو کي پڇتائڻ تي مجبور ڪري. هن جي آڏو جهالت جي اونداهيءَ ۾ ريڙهيون پائيندڙ ماڻهو جڏهن مفادن جون ڏاڪڻيون چڙهي مال ملڪيت حاصل ڪري ويا، تڏهن به هن جي چهري تي ڪنهن به طرح سان اهو احساس نه چڙهيو ته هو پوئتي رهجي ويو ۽ دنيا اڳتي نڪري وئي. جيڪڏهن هو پئسو ڪٺو ڪرڻ چاهي ها ته هو تمام گهڻو امير هجي ها پر ميڊيڪل جي پڙهائي ڇڏي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ فلاسافي پڙهندڙ جاويد ڀٽو سنڌ يونيورسٽيءَ جي فلاسافي ڊپارٽمينٽ جي چيئرميني ڇڏي آمريڪا هليو ويو ۽ آمريڪا ۾ به هن دولت ڪٺي ڪرڻ بدران علم ۾ اضافو ڪيو. هو حقيقي طور تي حضرت عليءَ جي ان قول تي عمل ڪندڙ انسان هو ته ”جاهلن خدا کان دولت گهري ۽ اسان علم“
هن وٽ علم جي تمام گهڻي دولت هئي پر علم جي ان دولت هن کي ڪڏهن به مغرور نه ڪيو. هو سدائين جيان سٻاجهو ۽ معصوميت سان مسڪرائيندڙ شخص رهيو. علم هن کي اندر جي ايتري ته طاقت ڏني هئي جو هن کي ڪڏهن به ڪو غم پنهنجي گرفت ۾ نه وٺي سگهيو. ڪيئي سال اڳ جڏهن هن جي نوجوان ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيا ڀٽو جو گوليون هڻي خون ڪيو ويو هو، تڏهن نفيسا هود ٻائي هن سان فوزيا جي ناحق خون خلاف وومن ايڪشن فورم توڙي انساني حقن واري ڪميشن جي پليٽ فارم تي گڏجي جدوجهد ڪئي. ان جدوجهد جي دوران هڪ ٻيئي هڪ ٿي ويا. هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪنهن گهري سنگتيءَ سان گڏجي اهي ويچار ونڍيندو هو ته”ڪنهن ٿي ڄاتو ته اسان جهڙي پرامن ڪٽنب مٿان اهڙي تشدد جي کنوڻ ڪرندي؟“هو جنهن کي پاڻ به پتو نه هو ته آمريڪا جهڙي محفوظ ملڪ ۾ هو هڪ مجرم ماڻهوءَ جي هٿان گولين جو بک بڻجي ويندو ۽ هن جو سور سنڌ ۾ سياري جي پوئين پهر جيان گهلندو ويندو ۽ هن جي زندگيءَ جو اهو افسانو کلندو ويندو، جنهن تي هن سدائين پردو پيل رکيو. هن وقت جڏهن هن جو لاش آمريڪا جي اسپتال ۾ پيل آهي ۽ هن جي قتل جي خبر واشنگٽن پوسٽ ۾ شايع ٿي آهي، تڏهن زندگي هڪ اهڙي عجيب ناول جهڙي محسوس ٿي رهي آهي، جنهن جو هيرو پاڻ مرادي جلاوطنيءَ جي دوران هڪ نيم پاگل نشئيءَ هٿان قتل ٿي وڃي ٿو. اهو اڻ لکيل ناول ڪير ته لکندو. اهو ناول جيڪو لکندو، اهو ان ناول جي ارپنا واري پني تي اهي لفظ به ضرور لکندو ته:
”ماءُ مڙهين ۾ ماٺ ڏٺي مون
جوڳي جيڪس ويا جبروت“

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter