سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

جاويد جي آخري آرام گاهه


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

03/03/2019

اعجاز منگي

هونءَ ته ساري سنڌ
هن پرينءَ جو پاڇو آهي
پر هن کي ان ڌرتيءَ ۾ دفن ڪيو
جنهن ڌرتيءَ مٿان سڪل سپنا
سرءُ جي واءُ ۾
محبت جا مقتول گل بڻجي اڏامندا آهن!
شڪارپور کي شڪايت ته ٿيندي
پر هوءَ هن جي امڙ آهي
هوءَ ٿوري دير ۾ مڃي ويندي
هوءَ هن جي پيشاني چمي چوندي
”وٺي وڃو! منهنجي مسافر پٽ کي“
هن لاءِ ڪوئيٽا به ڪوڪاريندي
۽ سرد هوا ۾ هن کي سڏ ڪري چوندي
”موٽي آءُ!
منهنجي يادن جا سرخ گلاب
موٽي آءُ!
۽ مون کي ڪڏهن نه وڇڙڻ وارو ڀاڪر پاءِ“
پر پٿرن جو شهر به پنبڻين تان لڙڪ اگهي
هن کي چوندو ”وڃ مسافر يار ڀلي پنهنجي ڀونءِ وڃ
مان تنهجي جدائيءَ هر سرد ۾ ساريندس
۽ جدائيءَ جي برف
يادگيريءَ جي جهيمي باهه سان ڳاريندس“
هن جي لاءِ ڪراچي به ڪوڪيندي
هن کي سمنڊ جي صدائن ۾ سڏ ڪندي
هن کي چوندي:
”مان امير شهر
تنهنجي مسڪين محبت آهيان
هاڻي مون وٽ ترسي پئه
شڪست جي هڪ درد وانگر“
هن کي ٿر به پڪاريندو
هن لاءِ ڪاڇو به ڪوڪ ٿي ويندو
هن کي سموري سنڌ سڏ ڪندي
پر سنڌ جي سقراط کي
ڄامشوري جي ڌرتيءَ ۾ دفن ڪيو
علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ ابراهيم جوئي جي ڀر ۾!
هن کي قاضيءَ جي ان مزار ڀرسان دفن ڪيو
جتي محبت جو وچن کڻڻ ايندي آهي
جتي سنڌ جي جواني پيريءَ کي پرن مٿان نيندي آهي
جتي سنڌ جي جواني هميشه ايندي
۽ ان انسان کي پيار سان پرنام ڪندي
جيڪو انسان ٻارن کان وڌيڪ معصوم
۽ پوڙهن کان وڌيڪ پيار ڪندڙ هو
سنڌ جي ان سٻاجهي سائينءَ کي
ان سرزمين تي وال ڌرتيءَ جا ڏيو
جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ کان ڪوئي پلاٽ نه ورتو
جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ تي اچڻ جو احسان ڪيو!
سنڌ جي ساڃاهه
سنڌ يونيورسٽيءَ جي سپرد ڪيو
ته جيئن هو اسان سان هر سياري
هر اونهاري ۽ هر سرءُ جي مند ۾
ساڻ هجي!
ڇا هن آخري آرام گاهه لاءِ آغا رفيق ڪجهه نه ڪندو؟
ڇا هن اهڙي حق تي مونس ماٺ رهندو؟
ڇا هن لاءِ راشد ميمڻ به ڪجهه نه ڪندو؟
ڇا شاهد ڀٽو اهو ڪجهه نه چاهيندو
جيڪو ڪجهه ساري سنڌ چاهي ٿي!
اها سنڌ پنهجي جلاوطن شهيد سان
ابد تائين اداس رهڻ چاهي ٿي

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter