سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڪوڙي گواهي ڏيندڙن خلاف سخت ڪاروائي ٿيندي ؛ چيف جسٽس کوسا


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

03/04/2019

لاهوت ويب ڊيسڪ
پاڪستان جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته عدالت اڄ کان سچ ڏانهن سفر شروع پئي ڪري تنهنڪري عدالتن ۾ اچي ڪوڙي گواهي ڏيندڙن خلاف سخت قانوني  ڪاروائي ٿيندي..
چيف جسٽس اهڙا ريمارڪس هڪ قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڏنا جنهن ۾ هڪ پوليس آفيسر ڪوڙي گواهي ڏني هئي.عدالت اهو قتل ڪيس ڊسمس ڪري ڇڏيو.
ريمارڪس ۾ چيف جسٽس چيو ته عدالتن ۾ ڪوڙيون گواهيون ڏيندڙ خبردار ٿي وڃن.اسان اڄ چار مارچ کان سچ ڏانهن سفر شروع ڪري رهيا آهيون.اڳتي ڪنهن به گواهي جو ڪو به حصو ڪوڙو ثابت ٿيو ته اها سموري گواهي ڪوڙي سمجهي ويندي
چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته جيڪي ماڻهون عدالتن ۾ اچي ڪوڙي گواهي ڏين ٿا انهن (عدالتي) سسٽم تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter