سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڪامريڊ ڄام سان جيل جي ماڙي تي ٿيل پهرين ملاقات


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

03/05/2019

ذوالفقار قادري

مون هن ماڻھو جو ڏاڍو نالو ٻڌو هو ٖ هي کاٻي ڌر جي ڪامريڊ دوستن جو آئيڊيل تہ هيو ئي پر اسان پارا  انقلاب جي سحر ۾ ورتل نوجوان بہ کيس پنهنجو هيرو سمجهندا هئا هن سان ملڻ جو ڏاڍو تجسس هوندو هو.
اهي جنرل ضياء جي مارشل لا جي پوري عروج وارا ڏينهن هئا سياسي سرگرمين ٖ جلسن جلوسن ٖ اخبارن جي آزادي تي پابندي مڙھيل هئي پر ان باوجود سياسي ڪارڪن پنهنجون سرگرميون جاري ساري رکندا هئا ٖ ڦاسينٖ ڦٽڪن ۽ جيل کي سياسي ڪارڪن پنهنجي لا۽ اعزاز سمجهندا هئا ٖ انهن ئي ڏينهن ۾ 14 آگسٽ 1981ع جي رات پاڪستان جي يوم آزادي جي تقريبات واري پنڊال کي ڊاهڻ ٖ فوج ۽ مارشل لا خلاف تقرير ڪرڻ جي الزام هيٺ مونکي ۽ منهنجي دوست توصيف ملڪ کي پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي وڏن اٽالن گهرن مان گرفتار ڪري.انهن مونکي  پوليس اسٽيشن قمبر آندو اتي اڳ ۾ ئي فوجي عملدار موجود هئا ٿاڻي تي اسان ٻنهي خلاف مارشل لا ريگيوليشن نمبر 13 ۽ 33 تحت بغاوت ٖ سازش ٖ غداري ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج خلاف ماڻھن ۾ نفرت پکيڙڻ جهڙا الزام مڙھي ڪيس داخل ڪيو ويو پو۽ فورن اسان ٻنهي کي ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻي روانو ڪري ڪيس جو چالان سمري ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.
انهن ڏينهن ۾ ملٽري ڪورٽون لاڙڪاڻي جي سر شاهنواز ڀٽو لئبرري ۾ قائم هونديون هيون هڪ سال کان مٿي ڪيس هلڻ بعد سيپٽبر 1982ع ۾ منهنجي ۽ توصيف ملڪ جي ڪيس اچانڪ ڊرامائي صورتحال اختيار ڪئي هڪ ڏينهن ملٽري ڪورٽ جي سربراه جنهن جو نالو ميجر قيوم هو تنهن اسان ٻنهي کان پڇيو تہ “ نماز پڙھندا آھيو “ مون واري دوست توصيف ملڪ نہ پڙھڻ باوجود فوجي ڪورٽ جي جج ميجر قيوم جي اهڙي سوال تي ها ۾ جواب ڏنو ٖ مون سوچيو ميجر کان ڊڄي الله سان ڌوڪو ڪرڻ ڪا فضيلت ناهي سو مون ميجر کي سچ چئي ڏنو تہ مان نماز نہ پڙھندو آھيان ٖ باقي خواهش اٿم تہ پڙھان ٖ ميجر چيو نماز ڇو نہ ٿو پڙھين تہ مون کيس چيو انسان جنهن رب کي سجدو ٿو ڪري پهرين ان رب کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري جنهن ڏينهن انسان رب کي سڃاتو ان ڏينهن کيس نماز جو مفهوم بہ سمجهہ ۾ اچي ويندو منهنجو اهو چوڻ ۽ ميجر کي ڄڻ باه لڳي وئي تڪڙ ۾ پنج ست گاريون ڏئي ڪڍيائين ڪافر ڪافر جي فتوائ بہ جاري ڪري پوليس گارڊ کي چيائين هنن کي فوري منهنجي نظرن مان ٽاريو.
پوليس اسان کي اچي قيدين جي ڪمري ۾ ويهاريو بس پو۽ ڪلاڪ کن ۾ وري سڏ ٿيو سمري ملٽري ڪورٽ جي ميجر اسان ٻنهي کي هڪ سال قيد با مشقت ۽ ڏھن ڪوڙن جي سزا ٻڌائي سينٽرل جيل سکر روانو ڪيو ويو سينٽرل جيل سکر جي انتظاميہ ڪجهہ ڏينهن بعد اسان کي سکر جيل مان جينوئل ( ٻارڙن واري جيل)  جيل لانڍي ڪراچي روانو ڪيو لانڍي جيل ۾ اسان کي بند وارڊ جي کولي ۾ رکيو ويو ٖ هڪ ڏينهن جيل جو ڀتو ( پاڻي جهڙي دال ۽ قيدين جي پيرن سان ڳوٿل اٽي سان تيار ڪيل ماني) کڻي آيل پٺاڻ قيدي مون کي لڪائي هڪ ڪتاب ( مئڪسم گورڪي جو انقلاب جي پس منظر ۾ لکيل ڪتاب “ ماءٗ “ ) ۽ هڪ چٺي ڏيندي چيو “ يه آپ کي ليئي بڙي بهائي ني بهيجا هي بتانا کسي کو نهي “ خط کوليم ڪامريڊ ڄام ساقي جو خط هو ٖ جنهن ۾ لکيل هو دل ننڍي نہ ڪجو ٖ اسان کي پاڻ سان گڏ سمجهو .
ٖ هي اهي ڏينهن هئا جن ڏينهن ۾ شھيد نظير عباسي جي حراست ۾ شھادت بعد ڪامريڊ ڄام ساقي ٖ پروفيسر جمال نقوي ٖٖ بدر ابڙو ٖ جبار خٽڪ ٖ ڪمال وارثي ٖ امر لعل ٖ سهيل سانگي ۽ شبير شر تي مشھور زمانہ بغاوت ٖ غداري ۽ سازش جي الزامن هيٺ ڪيس جنهن پو۽ “ ڄام ساقي ڪيس “ جي نالي سان مشھوري ماڻي هلي رهيو هو ٖ جيل ۾ خفيہ طور ڪتابن ۽ چٺين جي ڏي وٺ جو اهو سلسلو هلندو رهيو ٖ هڪ ڏينهن منهنجي امڙ جيل ملاقات تي آئي “ مکڻ ۽ ڳڙ “ جي ماني ٺاهي کڻي آئي هئي ملاقات ڪري واپس ٿيس تہ جيل وارن ٽفن باڪس تي اعتراض ڪيو ۽ اسان جو جيل جي ماڙي تي ئي جهيڙو ٿي ويو ٖ جيل انتظاميہ مون کي ۽ توصيف کي سزا طور پيرن ۾ ڏنڊا ٻيڙيون هڻي کولي ۾ بند ڪيو ان ڏينهن ڪامريڊ ڄام وارن جي ڪشمير روڊ ڪراچي تي واقع اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ شنوائي هئي ٖ شنوائي تي واپسي تي جيل جي ماڙي تي ڪنهن قيدي ڪامريڊ ڄام وارن کي اسان جي جهيڙي ۽ ڏنڊا ٻيڙيون هڻڻ واري ڳالهہ ٻڌائي ڪامريڊ ڄام ۽ سندس ساٿي جيل انتظاميہ جي ان زيادتي خلاف احتجاج طور ماڙي تي ويهي رهيا ۽ پنهنجي وارڊ ۾ وڃڻ کان انڪار ڪري ويهي رهيا جيل انتظاميہ آخر ڦاٿي مطالبو مڃيندي اسان سان معذرت ڪندي ڏاڊا ٻيڙيون کولي اسان کي بہ ڪامريڊ ڄام وارن سان گڏ رکيو ويو ٖ ملٽري پاران ڏنل باقي سزا مون ڪامريڊ ڄام ۽ سندس ساٿين سان گڏ جيل َ۾ گهاريا انهن ڏيهن جون يادون پنهنجي ڪتاب ۾ لکندس ٖ اڄ ڪامريڊ ڄام ساقي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو پر سندس يادون سدائين رهنديون
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter