سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

اهي لازوال ڪردار جيڪي سياسي جدوجهد ۾ ڇيريون ٻڌي ڦاهي گهاٽ ويا...


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

03/06/2019


یہ مصلحت کا تقاضا ہے تو لب سی بیٹھو ،
جو اگر سچ کہو گے تو زمانے سے دشمنی ہو گی

ذوالفقار قادري

ضياء مارشل لا وارن ڏينهن ۾ پ پ ڪراچي جا جيالا ناصر بلوچ ۽ اياز سمون شھيد جهڙا ڪردار اڄ بہ ياد اچن ٿا ٖ مون کي ياد آھي انهن ڏينهن ۾ مان لانڍي جيل ڪراچي جو باندي هئس ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ ناصر بلوچ ۽ اياز سمون سميت ڪئين جيالا ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ضياء مارشلا لا جا اسير هئا هڪ ڏينهن ڪامريڊ ڄام ساقي ٖ ناميارو صحافي سهيل سانگي ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جو موجوده چيئرمين شبير شر ايڊووڪيٽ ملٽري ڪورٽ مان حاضري تان واپس ٿيا تہ مون کي لڪائي هڪ خط ڏنائون تہ ڪراچي سينٽرل جيل مان ڪجهہ ساٿي پيشي تي آيا هئا ڦاهي گهاٽ ۾ قيد ناصر بلوچ تنهنجي لا۽ خط ڏنو آھي.
اهو خط هڪ انقلابي جي ڦاهي گهاٽ مان منهنجي نالي هڪ تحرير هئي جيڪو مون لا۽ اڄ بہ اثاثو آھي ڇا تہ انهن سياسي ڪارڪنن جي بهادري جا قصا هئا .ملٽري ڪورٽ ڪراچي سينٽرل جيل ۾ جڏھن اياز سمون کي ڦاهي ڏيڻ جو وقت آيو تہ هن آخري ملاقات کان اڳ پنهنجي ڀيڻ کي نياپو ڪيو تہ  آخري ملاقات تي مون لئه  پيرن ۾ ٻڌڻ واري “ ڇير “ کنيو اچجو .جڏهن ته  اياز سمون جيل انتظاميہ کي آخري خواهش طور ڦاهي گهاٽ جي کولي کان تختہ دار تائين “ڇير “ ٻڌڻ جي خواهش جو اظھار ڪيو ۽ پو۽ ٿيو بہ ايئن ئي تہ اياز سمون کي جڏھن ڦاسي لا۽ تختہ دار تي وٺيو پئي ويا تہ هن جا بهادري ۽ پر وقار طور موت ڏانهن ويندڙ قدمن ۾ ٻڌل “ ڇير “ جي “ ڇن ڇن “ جو آواز جيل ۾ گونجي رهيو هو ان لمحي مون کي فيض احمد فيض جون سٽون ياد اچي ويون...

جو رُکے تو کوہ گراں تھے ہم ٖ
جو چلے تو جاں سے گزر گئے ٖ
رہ یار ہم نے قدم قدم تجھے یادگار بنا دیا

ساڳئي ئي جيل ۾ پي آئي اي جهاز جي هائجيڪنگ جي مبينہ الزام هيٺ جڏھن ناصر بلوچ کي ڦاهي ڏني پئي وئي تہ بليڪ وارنٽ جاري ٿيڻ کان ويندي تختہ دار تي چڙھڻ تائين هو اڪثر فلم “ بهابهي “ جو محمد رفيع جي آواز ۾ چيل گيت “ چل اڑ جا رے پنچھی کہ اب یہ دیس ھوا بیگانہ " گيت گنگنائيندو هو ٖ
کس دھج سے کوئی مقتل میں گیا ٖ
وہ شان سلامت رہتی ہے ٖ
یہ جان تو آنی جانی ہے ٖ
اس جان کی تو کوئی بات نہیں
اها ڪراچي ڊويزن جي پ پ پ جنهن ۾ ڪڏھن معراج محمد خان ٖ امير حيدر ڪاظمي ٖ پروفيسر اين ڊي خان ٖ حنيف سولجر ٖ نورجهان سومرو ٖ الياس صديقي ٖ منور سهروردي ٖ نجيب احمد ٖ مولانا احترام الحق ٿانوي ٖ مسرور احسن جهڙا جيالا هوندا هئا ٖ پر هاڻ  ساڳي پارٽي ۾ اهڙا ڪردار ئي نمايان آھن جنهن کي پي پي پي جي “ پ “ جي خبر هئڻ بجا۽ “ ڪاف “ ڪرپشن ئي ياد رهي آھي موجوده پ پ جي ڪيترن چڱن مڙسن کي تہ اها خبر بہ نہ هوندي تہ اياز سمون ٖ ناصر بلوچ ۽ شھيد نجيب جهڙا جيالا ڪير هئا .انهن کي ڀلي ته اهي ڪردار ياد نه هجن پر ناصر بلوچ جهڙا ڪردار عوام جي دلين ۾ جيئرا رهندا.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter