سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

جاويد ڀٽو شڪارپور کي موٽائي ڏيو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

03/07/2019

زبيــر سومرو

پرويز مشرف جي دور ۾ شوڪت عزيز وزيراعظم هيو. وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ کيس ياد پيو ته سندس امڙ ڪراچيءَ جي ڪنهن قبرستان ۾ مدفون آهي، حڪم صادر ٿيو ته فلاڻي مقام ۾ سندس ماءُ جي قبر ڳولي وڃي. ڪراچي جي انتظاميا ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. سڄو مقام ڦلهوريو ويو، قبر نه لڌي. نيٺ ڪنهن پرائي قبر کي جڳاڙي ڪتبو لڳائي وزيراعظم جي ماءُ جي قبر قرار ڏني وئي، پر وارث مطمئن نه ٿيو. انڪوائري ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته قبرستان جي سمورين قبرن تي نظر رکي ويندي آهي ته ڪهڙي ڪهڙي قبر جا پونئير ٻارهين مهيني چار قل پڙهڻ اچن ٿا. قبرن تي ايندڙن جو پورو لاگ بُڪ رڪارڊ رکيو ويندو آهي. جنهن قبر تي چار پنج سال ڪو به وارث نه ايندو آهي، ان قبر مان مان مُردي جي باقيات ڪڍي، صفائي ڪري خالي ڪئي ويندي آهي ۽ قبر جو ڇهه باءِ ٽي جو پلاٽ، نئين مُردي لاءِ براءِ فروخت لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي. ڪراچيءَ شهر ۾ جيئن جيئرن ماڻهن کي جاءِ نه ملندي آهي تيئن مرڻ کان پوءِ به ويچاري مُئل انسان کي ڇهه فُٽ زمين جي ٽڪرو به نهايت مهانگو ۽ ڏکيو ملندو آهي.
.
ساڳي ڪار گذريل هفتي سنڌ جي دانشور جاويد ڀٽو سان ٿيندي نظر ٿي اچي، اگر سندس رشتيدار وارثن مڙهه ڪراچيءَ ۾ دفنايو. جاويد کي گذريل هفتي آمريڪا وشنگٽن ۾ سندس گھر جي ٻاهران هڪ نيگرو مردُود قتل ڪري ڇڏيو. سانحو دل کي ڌوڏيندڙ آهي پر سندس آخري آرامگاهه سندس جنم ڀومي ۾ نه ڪرڻ پڻ تڪليف ڏيندڙ آهي. جاويد ڀٽو جسماني طور تي هليو ويو پر ايڏن وڏن جينيئس انسانن جون مزارون ”نيشنل مانيومينٽ“ طور قومن کي اتساهه بخشينديون آهن. ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ غير معمولي آهي پر سندس مقبرو سڄي سنڌ جي لاءِ زبردست اتساهه ۽ جنبش جو جواز آهي، نه ته ڀلا ڇا رکيو آهي قبرن، مزارن ۽ مقبرن ۾......
.
بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ ۾ شهيد ڪئي وئي، پاڪستان جو ڪهڙو شهر ۽ ڪهڙو قبرستان يا جاءِ هجي ها جتي محترمه جي آخري آرامگاهه لاءِ جاءِ نه ملي ها پر سندس اباڻي مٽي ڳڙهي خدا بخش کان بهتر ڪهڙي جڳهه ٿي پئي سگهي. اڄ شهيد ڀٽن جي ڪري لاڙڪاڻي جي اهميت ۽ حيثيت ئي ٻي آهي. سائين جي ايم سيد ڪراچيءَ ۾ دم ڏنو، سندس رهائشگاهه ڪراچيءَ ۾ پڻ هئي. سائين پنهنجي ذات ۾ سنڌ هو، ڪير ٿي روڪي سگهيو سائين جي ڪراچيءَ ۾ تدفين کي، پر سائين جي جسد خاڪي کي سندس ڳوٺ ’سن‘ ۾ رکيو ويو ۽ سن سنڌ جو فڪري گاديءَ جوهنڌ بڻجي ويو. بشير قريشي، سنڌ جو هيرو هو، جنهن سڄي سنڌ کي پنهنجي لازوال جدوجهد سان پنهنجو عاشق بنائي ڇڏيو هو. سندس جنم ڀومي ته رتوديرو هو، پر هُن پنهنجي سياسي آماجگاهه ڪراچيءَ کي بڻايو. هُو سڄي سنڌ ۾ جوڳين جيان پيو هلندو هو. سندس شهادت سڪرنڊ ۾ هڪ ڪارڪن جي اوطاق ۾ ٿي. اڄ هو پنهنجي ڏاڏاڻي خمير جي گود ۾، رتي ديري ۾ آرامي آهي ۽ رتو ديرو رچي ريٽو ٿي ويو آهي. ساڳي ئي پنڌ جو پانڌيئڙو سنڌ جو عاشق عبدالواحد آريسر جيڪوسراپا سنڌ هيو، سن کي پنهنجو قبلو سمجهندو هيو، پر هُو پنهنجي ڳوٺ عمر ڪوٽ ۾ ابدي ننڊ سمهي رهيو آهي....
.
عمر جي آخري حصي ۾ ڪُراڙن جي اها حسرت هوندي آهي ته حج مبارڪ ڪن ۽ ڪالي ڪملي واري جي چانئٺ چمن. ان سان گڏ ڪيترن جي اها خواهش به هوندي آهي ته مديني واري محبوب جي شهر ۾ دم ڏين ۽ ڀلي پار جي مٽي ۾ دفن ٿين. پر نواز شريف پنهنجي والد جي مڙهه کي ڀلي پار مان ڳوٺ کڻي آيو. ساڳي طرح سنڌ جو سريلو راڳي صادق فقير مديني پاڪ ۾ هڪ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ الله کي پيارو ٿي ويو پر هُو ٿر جي ٿڌي خاڪ ۾ پُرسڪون آهي. شڪارپور جو ئي مثال ٿا وٺون ته فنِ لطيف جا انتهائي معتبر نالا نياز همايوني، استاد منظور علي خان، علي احمد بروهي، اي ڪي بروهي، بشير مورياڻي، نورالدين سرڪي، ثميره زرين ۽ روشن عطا الائي ڪاٿي دفنايا ويا ۽ گم ٿي ويا. انهن سڀني ۾ وڏي ۾ وڏي زيادتي شيخ اياز سان ڪئي وئي. اياز جي چٽن لفظن ۾ پنهنجي اباڻي مقام الف شهيد جي قبرستان ۾ پنهنجي ڀيڻ جي ڀر ۾ دفن ڪرڻ جي وصيت سندس آٽوبايوگرافي ۾ موجود آهي، پر حيدرآبادي اديبن پنهنجي سهولت خاطر سندس وصيت جي عزت نه ڪئي. مون کي ياد آهي اياز جي تدفين ٻارنهن چوڏهن ڪلاڪ هڪ مسئلو بڻيل هئي. فيصلو ڪندڙ اديبن (جيڪي اياز جي ڪراچيءَ واري اولاد کي پڻ قائل ڪري رهيا هئا، شڪارپور واري اولاد کي ته هُو سڃاڻن ئي نه  پيا) وٽ آپشن ئي ٽي هئا، ڪراچي، ڄامشورو ۽ ڀٽ شاهه. حد ته ڏسو شڪارپور سندن آپشنز ۾ ئي نه هئي. ڪجهه شڪارپور جا اديب ۽ ٻيا ماڻهو موجود هئا، مجال جو ڪو ڪُڇي. اسان جهڙن جيتامڙن کي ته ڪو کنگهي ئي نه پيو. شابس آهي نوجوان اظهار سومري کي جنهن جنهن وڏي وات ڳالهايو ۽ احتجاج ڪيو ۽ پويان هڪ آواز آيو ”اي ڀٽ شاهه جي ڌرتي ! اياز اسان جي امانت آهي تو وٽ، جيڪا ڪڏهن نه ڪڏهن واپس شڪارپور کڻي وٺنداسين“. اهو آواز زبيرسومري جو هيو. اڄ اياز ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي ڪنڊ ۾ پيو آهي يا ائين کڻي چئجي ته ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو آهي. ڪنهن ڪنهن سال حيدرآباد وارا لڙي ويندا آهن، باقي ته اُتي جيڪا قبر جي بي حرمتي ٿيندي آهي، اها لکڻ جهڙي نه آهي....
.
تنوير عباسي سنڌ جو چوٽيءَ جو اديب ۽ نقاد هو. سندس وفات اسلام آباد ۾ ٿي، وصيت موجب سندس ڊيڊ باڊي ميڊيڪل جي شاگردن کي ڏيڻي هئي ته هُو باڊيءَ تي تجربا ڪري استعمال ڪري ڇڏين ۽ ضروري عضوا ڊونيٽ ڪري ڇڏين، پر اکين کان سواءِ ٻيو ڪو عضوو ڊونيٽ ٿي نه سگهيو. سندس وارثن الائي ڪهڙي خيال کان اسلام آباد۾ دفن ڪيو. ٻه ٽي سال اڳ جي ڳالهه آهي ته مان، تاج جويو ۽ زاهد اوٺو اسلام آباد ۾ سيڪٽر ايڇ ايٽ جي قبرستان وٽان گذرياسين پئي ته خيال آيو ته تنوير جي مزار تي دعا گهرجي. قبرستان ۾ داخل ٿياسين، قبرستان جي جاگرافيائي جوڙجڪ اهڙي ته رٿابنديءَ سان ٿيل هئي ڄڻ ڪنهن زبردست رهائشي علائقي ۾ آيا هجون. هر قبر تي انٽري نمبر درج هو. اسان گريوَيارڊ ايڊمنسٽريٽر کان تنوير جي قبر بابت پڇيوسين ته هُن اسان کان اينٽري نمبر پڇا ڪئي، جنهن جي اسان کي خبر هئي. ايڊمنسٽريٽر ٻڌايو ته اها قبر بلڪل آهي پر ان قبر تي ڪيترن سالن ڪو آيو ناهي، ان ڪري ان جي مينٽيننس نه ٿيندي آهي. بهرحال، ڪلاڪ ڏيڍ جهنگ نما هڪ ڀوائتي جاءِ جي وچ ۾ تنوير جي قبر ملي. انهن اٺن فُٽن ٻُوڙن جي وچ مان وڃڻ نه رڳو مشڪل هو پر خطرناڪ پڻ. بهرحال، مان ۽ زاهد اها رِسڪ کڻڻ جي همٿ نه ساري. تاج صاحب ٻُوڙا سوريندو لتاڙيندو هليو ويو، جهٽ کان پوءِ تاج رڙ ڪري ڊڪندو موٽيو ۽ چيائين قبر تي مِرون ويٺو آهي...
.
ٽيهن جي ڏهاڪي ۾ ”نائو آر نيوَر“ جي نالي سان پاڪستان ڊڪليريشن جو پمفليٽ لکندڙ ۽ لفظ ’پاڪستان‘ جوخالق، چوڌري رحمت علي 1954 ۾ لنڊن ۾ گذاري ويو ۽ اُتي دفن ڪيو ويو. چوهٺ سالن کان پوءِ سندس قبرکوٽي ۽ باقيات کي پاڪستان واپس آڻي وڏي مان شان سان پنهنجي ضلع ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ اباڻي ڳوٺ ڪاميلا ۾ دفنايو ويو..
.
آغا سليم جي وصيت هئي ته کيس پنهنجي محبوب، شاهه لطيف ڀٽائي جي آڳر ۾ دفنايو وڃي پر پوين پنهنجي ڪراچيءَ جي ڊفينس قبرستان ۾ رکيو, جتي قبر جي قيمت غريب جي گھر جي قميت جيتري هوندي آهي. آغا صاحب جو بي چين روح پنهنجي گھر واريءَ کي خوابن ۾  ستائيندو رهيو ۽ نيٺ شهاب اوستي ۽ سليم ميمڻ جي ڪوششن سان ڀٽائيءَ جي آڳر ۾ جاءِ ملي ۽ آغا صاحب پنهنجي ونيءَ سان خواب ۾ پنهنجي سڪون جو چين جو اظهار ڪيو...
.
اسان جي ننڍن ننڍن شهرن، خاص طور تي شڪارپور جهڙن شهرن جي ورهاڱي کان اڳ حالت هاڻي کان گھڻو قدر بهتر هئي. انهن جي بدتر حالتن جا ڪيترائي سبب آهن، جن هڪ وڏو سبب اهو پڻ آهي انهن شهرن جا پڙهيا لکيا ماڻهو شهر هيمشه جي لاءِ ڇڏي ويا. سنڌ جي مختلف شهرن جا ماڻهو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي وڏن شهرن ۾ رهن ٿا. ڳوٺ جون اباڻيون جايون ملڪيتون وڪڻي پويان لؤڻو ئي نه ٿا هڻن. غمي خوشيءَ ۾ ته ٺهيو، ايتري قدر جو مُردا به انهن قبرستانن ۾ پورين ٿا، جتي هو سال ٻه قبر تي ويندا ۽ پوءِ قبر ميسارجي ويندي آهي. اهو حشر وڏن اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن سان پنهنجا پويان ڪن ٿا...
.
اڄ شڪارپور جي اهميت ۽ حيثيت ڪا ٻي هجي ها جيڪڏهن شيخ اياز شڪارپور ۾ مدفن هجي ها. پر اسان اها امانت ڪڏهن نه ڪڏهن پنهنجي خمير ڏانهن واپس آڻينداسين. هن سموري مضمون جو مقصد اهو آهي ته جاويد ڀٽو سان سڄي سنڌ محبت ڪري ٿي ۽ ايڏا وڏا ماڻهو وطن ۽ قوم جو ورثو هوندا آهن، پر هُو جنهن مٽيءَ مان نسريو ۽ اُسريو، اُها مٽي هُن کي ساري ٿي. سنت سامي، شهيد الله بخش سومري ۽ شيخ اياز جي شڪارپور پنهنجي سدوري پُٽ کي پنهنجي هنج ۾ ابدي ننڊ سمهارڻ جي آس ۾ آهي. هُن جو مڙهه آمريڪا مان پاڪستان پهچڻ وارو آهي، هن مضمون ذريعي،سائين زاهد، شاهد ۽ ڀاڄائي نفيسا سميت سندس سمورن دوستن خاص طور تي سائين شهاب اوستي کي، ته شڪارپور جي اها نماڻي آهي جاويد کي شڪارپور ۾ دفن ڪيو وڃي..

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter