سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

آغا سراج دراني جو فرنٽ مين ڍولو ڪٿي آهي ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

03/08/2019


لاهوت ويب ڊيسڪ
نيب پاران سنڌ اسميبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري کانپوء جيئن  سندس ملڪيتن جا تفصيل ڪڏهن ڪڏهن جاري ٿي رهيا آهن تيئن ئي سندس فرنٽ مين يا مک ماڻهن جا نالا پن ظاهر ٿي رهيا آهن.
تازوئي نيب پاران هڪ فهرست جاري ٿي آهي جنهن ۾ آغا سراج دراني جي خاص ماڻهن ۽ سهولتڪارن جا نالا ڏنا ويا آهن.انهن نالن ۾ اهي سنڌي اردو صحافي ته شامل ناهن جيڪي آغا سراج جي شاهي دور مان فائديمند رهيا پر سندس اڳوڻي پرسنل سيڪريٽري ذوالفقار علي ڏهر جو نالو ڏنل آهي.ذوالفقار کي آغا سراج جا ويجها ماڻهون ڍولو جي نالي سڏيندا آهن.جيڪو آغا سراج جي بلديات واري وزارت دوران سڻڀي کاتي کي پنهنجي وڏيري واري اوطاق ڪري هلائيندو هو.
ڍولو ڪير آهي ۽ آغا سراج سان ڪيئن گڏيو ان جا تفصيل سندس اباڻي شهر ڳڙهي ياسين مان وٺجن ته بهتر ڇو ته اهي ڌڪي تي يا ٻڌل سڌل ڳالهين تي ٻڌل نه هوندا .
ڳڙهي ياسين جا باخبر ذريعا ٻڌائين ٿا ته ڍولو آغا سراج جي ڳڙهي ياسين واري بنگلي جو پراڻو خدمتگار آهي جنهنکي آغا سراج پهريان ايريگيشن کاتي ۾ نوڪري وٺي ڏني جنهن بعد کيس بلديات ۾ ضم ڪري سموري کاتي جو ڪاروهنوار هلائڻ جا اختيار ڏنا ويا.
آغا سراج جي بلديات واري وزارت دوران ڍولو جو حڪم هلندو هيو ۽ سندس دولت جي اوچتي اڏام ڏسي ڪجهه ماڻهن کي غلطفهمي ٿي ته ڍولو به وهندڙ گنگا مان ايترا پئسا ڪمايا آهن جيترا آغا سراج پاڻ ڪمايا هوندا پر ائين ٿي نٿو سگهي مالڪ ۽ نوڪر جو فرق ضرور رهندو آهي ڀلي اها حرام جي ڪمائي هجي.
ڍولو آغا سراج جي چوڻ تي مخصوص  صحافين ۾ پئسا ورهائڻ لئه ايترو مشهور هيو جو ڪيترائي سنڌي صحافي اها خواهش ڪندا هئا ته ڪاش هو صحافي بدران ڍولو هجن ها....
ذوالفقار عرف ڍولو گذريل ڪيترن ئي سالن کان روپوش آهي.هن مٿان ڪي خون جا ڪيس لڳل ناهن پر عوامي دولت جو ناجائز استعمال وارا الزام اٿس پر هو ان ڊپ کان ايترو خائف آهي جو هن وڃي ڪچو وسايو آهي..ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ڍولو پرڏيهه فرار ٿي ويو آهي پر ان جي ڪا تصديق ناهي ٿي سگهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter